Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

دانهون نڪرڻ لڳنديون آهن، جڏهن اسان کي سرمي جي معمولي سرائي تڙپائي ڇڏيندي آهي ته بدنگاهي جي سبب جيڪڏهن اللہ  عَزَّوَجَلَّ ناراض ٿي وڃي ۽ اسان جي اک ۾ باهه جي سرائي ڦيري وڃي ته اسان جو ڇا ٿيندو. بد قسمتي کان اڄ ڪلهه ماڻهو بدنگاهي جا ايتري قدر عادي ٿي چڪا آهن جو مَعَاذَ اللہ  ثُمَّ مَعَاذَ اللہ  جيسيتائين غير محرم عورتن کي ڏسندا ناهن انهن کي چين ناهي ايندو، اهي پنهنجي هن مذموم (گهٽيا) مقصد جي حاصل ڪرڻ جي خاطر بازارن، شاپنگ سينٽرن، تفريح گاهن، الغرض جتي جتي بي پرده عورتن جو مجموعو هوندو آهي اتي گهمندا وتندا، خوب بد نگاهي ڪندا ۽ پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي بربادي جو سامان ڪندا آهن.اسان غور ڪريون ڇا اسان پنهنجي موت کي وساري ويٺاسين؟ ڇا اسان کي مغفرت جو پروانو ملي ويو؟ ڇا اسان اڳوڻين امتن تي ٿيندڙ عذاب وساري ڇڏيا؟ ڇا اسان کي روزانو کڄندڙ جنازن مان عبرت حاصل نٿي ٿئي، ڇا اسان بيماري جي بستري تي سسڪندڙ مريضن کان سبق حاصل نٿا ڪيون؟ ڇا اسان تنگ ۽ اونداھي قبر کي وساري ڇڏيو؟ يا ڇا اسان منڪر نڪير جي سوالن جا جواب ڏئي سگھنداسين؟ ڇا قيامت جي ڏينهن اسان کان حساب ڪتاب نه ٿيندو؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غفلت جي خواب کان جاڳڻ کپي، ان کان پهريان جو مَوت جو ملائڪ اسان جي زندگي جو رشتو هن دُنيا کان هميشه هميشه جي لاءِ ڪٽي رکي ڇڏي، تنهنڪري جاڳي پئو! ۽ اٿو ۽ ٻين اِسلامي ڀائرن کي به بيدار ڪريو! ! نه ته ياد رکو، ڪٿي ائين نه ٿئي!!

نہ سمجھو  گے تو مِٹ  جاؤ گے اے مُسلمانو!

تمہاری داستاں تک بھی نہ ہوگی داستانوں میں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”صداءِ مدينه“