Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”اِحياءُ العلوم“ جلد:1 صفحي نمبر529 تي آهي: منقول آهي ته حضرت سيدُنا رَبيع بن خَيثَم رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه هميشه مٿو ۽ اکيون جھڪائي رکندا هئا ايستائين جو ڪي ماڻهو اوهان کي نابين سمجھندا هئا۔ پاڻ 20 سال حضرت سيدُنا عبد اللہ  بن مسعود رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْه جي گھر حاضر ٿيندا رهيا، جڏهن حضرت سيدُنا ابنِ مسعود رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْه جي ٻانهيءَ انهن کي ايندي ڏسندي ته چوندي هئي: ”پاڻ (حضرت سيدُنا ابنِ مسعود رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْه) جا نابين دوست تشريف فرما ٿيا آهن۔“ حضرت سيدُنا عبد اللہ  بن مسعود رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْه ان جي ڳالھ ٻڌي مرڪي پوندا هئا۔ پاڻ جڏهن دروازو کڙڪائيندا هئا، ٻانهيء ٻاهر نڪرندي هئي ته پاڻ کي مٿو ۽ اکيون جھڪايل ڏسندي۔ حضرت سيدُنا عبد اللہ  بن مسعود رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْه جڏهن حضرت سيدُنا رَبيع بن خَيثَم رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه کي ڏسندا هئا ته اها آيتِ مقدسه تلاوت ڪندا هئا:

وَ بَشِّرِ الْمُخْبِتِیْنَۙ(۳۴)

(پ 17،الحج:34)

 ترجموڪنزالايمان: ۽ اي محبوب خوشخبري ٻڌاءِ انهن نوڙت وارن کي

۽ (آيت سڳوري تلاوت ڪرڻ کان بعد) فرمائيندا هئا: خدا جو قسم! جيڪڏهن حضورِ انور صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ توهان کي ڏسن ها ته توکان خوش ٿين ها۔ هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ پسند ڪن ها۔ هڪ روايت ۾ آهي ته اوهان کي ڏسي مسڪرائن ها۔

 (احياء العلوم،ڪتاب اسرار الصلاۃ،الباب الثالث،حڪايات واخبار في صلاۃ الخاشعين،۱/ ۲۳۲)

اکين جو قُفلِ مدينه

حضرت سيدُنا حَسّان بِن اَبي سِنان رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه نَمازِ عيد جي لاءِ ويا۔ جڏهن واپَس گھر موٽيا ته پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه جي گھرواريء چوڻ لڳي: اڄ اوهان ڪيترين عورتن کي ڏٺو؟ پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه خاموش رهيا، جڏهن اُنهن گھڻو اِصرار ڪيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: گھران نڪرڻ کان وٺي، توهان وٽ