Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

رهندي آهي۔ وڏي ڏُک ۽ افسوس جي ڳالھ هي آهي ته هن ڏينهن کي غير مسلمن جيان بي حيائي سان ملهائڻ وارا گھڻا مسلمان به اللہ  عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه ِوَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عطا ڪيل پاڪيزه احڪامن کي نظر انداز ڪندي کُلم کلا گناهن جو اِرتڪاب ڪري نه صرف پنهنجي اعمال نامي جي سياهي ۾ اضافو ڪندا آهن بلڪ مسلم مُعاشري جي پاڪيزگي کي به ان بي هودگين سان ناپاڪ ۽ آلُودهه ڪندا آهن۔ بد نگاهي، بي پردگي، فحاشي ۽ عُرياني، اجنبي ڇوڪري ڇوڪرين جو ميل ملاپ، کل ڀوڳ، ان ناجائز تعلُّق کي مضبوط رکڻ جي لاءِ تحفن جو ڏي وٺ ۽ اڳتي بدڪاري تائين جون برائيون هي سڀ اهي ڳالهيون آهن جيڪي ان گناهن واري ڏينهن زور ۽ شور سان جاري رهنديون آهن ۽ انهن سڀني شيطاني ڪمن جي ناجائز ۽ حرام هئڻ ۾ ڪنهن مسلمان کي ٿورو به شبو نٿو ٿي سگھي ڇوته قرآنِ ڪريم جي روشن آيتن ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي واضح ارشادن سان هنن ڪمن جو حرام هجڻ ثابت آهي. ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان ان طرح جي سمورين برائين کان بچون ۽ اللہ  ڪريم کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن ۾ لڳي وڃون۔ ربِّ ڪريم اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

رسالو ”استنجا ڪرڻ جو طريقو“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شرعي احڪامن جو علم نه هئڻ ۽ ڪجھ بي احتياطي ڪرڻ جي ڪري ڪي ماڻهو استنجا ڪندي وقت پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجو جسم نا پاڪ ڪري وٺندا آهن ۽ بعد ۾ انهن کي پاڪ ڪرڻ جو خيال به ناهي ايندو۔ تنهنڪري پاڪي ۽ ناپاڪي جو علم حاصل ڪرڻ هڪ مسلمان جي لاءِ بيحد ضروري آهي۔ ان جو هڪ بهترين ذريعو مڪتبةُ المدينه جي ٻين ڪتابن ۽ رسالن سان گڏوگڏ هن رسالي ”اِستنجا ڪرڻ جو طريقو“ جو مطالعو ڪرڻ به بيحد مفيد آهي۔ هن رسالي ۾ ٭ استنجا ڪرڻ جو طريقو ٭ رفعِ حاجت جي لاءِ ويهڻ جو طريقو ٭ ٽائلٽ پيپر استعمال ڪرڻ جا نقصان ٭