Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

منهنجو ڇا ٿيندو؟ اچو! هاڻي بدنِگاهي جي سزائن جي باري ۾ 3 روايتون ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو، جيئن ته

(1)بدنگاهي جي سزا

حضرت سَيدُنا ابنِ عباس رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْهُمَا فرمائن ٿا: هڪ شخص نبي ڪريم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿيو، ان جو رت وهي رهيو هو، رسولِ اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ارشادفرمايائون: توکي ڇا ٿيو آهي؟ ان عرض ڪيو: مون وٽان هڪ عورت گذري ته مون انهن ڏانهن نهاريو ۽ منهنجي نگاهون مسلسل ان جو پيڇو ڪنديون رهيون جو اوچتو منهنجي اڳيان هڪ ديوار اچي وئي جنهن مون کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ جنهن منهنجو ھي حال ڪري ڇڏيو جنهن کي توھان ڏسي رھيا آھيو.“ ته نبي اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو؛ ”اللہ  عَزَّ وَجَلَّ جڏھن ڪنهن ٻانهي سان ڀلائي جو ارادو ڪندو آھي ته اُن کي دنيا ئي ۾ اُنهيءَ جي سزا ڏيئي ڇڏيندو آھي۔

 (مجمع الزوائد ، ڪتاب التو بۃ ، باب فيمن عوقب بذنبه في الدنيا ،۱۰ /۳۱۳ ، رقم:۱۷۴۷۱)

(2) اکين ۾ باهه ڀري ويندي

حُجَّةُالْاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا: جيڪو پنهنجي اکين کي حَرام نظر کان ڀريندو اللہ  پاڪ قِيامَت جي ڏينهن ان جي اکين کي باھ کان ڀري ڇڏيندو۔

 (مڪاشفۃالقلوب، ص۱۰)

(3) باهه جي سرائي

حضرت سيّدُنا علامه عبدالرّحمٰن بن جوزي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا: عورت جي محاسن (يعني حسن ۽ جمال) کي ڏسڻ ابليس جي تيرن مان زهر ۾ ٻڏل هڪ تير آهي، جنهن نامحرم کان اک جي حفاظت نه ڪئي ان جي اک ۾ بروزِ قيامت باهه جي سرائي ڦيري ويندي.

 (بحر الدموع،ص۱۷۱)

غور ڪريو! سرمو لڳائيندي اسان جا هٿ ڏڪندا آهن، جيڪڏهن سرمي جي سرائي اک ۾ هلڪي به ٽڪرائجي يا سرمو ٿورو تيز هجي ته اسان جون