Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

ڇوته اسلام ان کي ڪن عورتن کان پردو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڪن عورتن کان پردو نه ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي۔ اچو! ٻڌون ٿا ته مرد جو ڪن ڪن عورتن کان پردو آهي، جيئن ته

مرد جو ڪنهن ڪنهن سان پردو آهي؟

اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: مرد جو پنهنجي ماميءَ، چاچيءَ، ڀاڄائي،۽ پنهنجي گھرواري جي ڀيڻ وغيره رشتيدارن سان به پردو آهي. زباني ڀاءُ ڀيڻ، زباني ماءُ پٽ، ۽ زباني پيءُ ۽ ڌيءَ ۾به پردو آهي ايتري تائين جو نپائڻ لاءِ ورتل ٻار (جڏهن مرد ۽ عورت جا معاملا سمجهڻ لڳي ته) ان کان به پردو آهي البت کير جي رشتن ۾ پردو نه آهي مثال طور رضاعي ماءُ پٽ ۽ رضاعي ڀاءُ ڀيڻ ۾ پردو ناهي۔

(ڪربلا ڪا خوني منظر،ص۳۳)

 

زَبان اور آنکھوں کا قفلِ مدینہ  عطا ہو پئے مصطفٰے یاالٰہی

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نگاهن جي حفاظت جي معامَلي ۾ جيڪڏهن اسان اللہ  وارن جي سيرت جو مطالعو ڪريون ته اسان کي نصيحت جا کوڙ مدني گل ملندا، مثلاً اهي حضرات شرعي احڪام جا پابند هوندا آهن، مٿي کان پيرن تائين شرم ۽ حيا جا پيڪر هوندا آهن، ٻين عضوئن سان گڏوگڏ اکين جي حفاظت جي معاملي ۾ انهن جو زبردست مدني ذهن بڻيل هوندو آهي، جيڪي غير محرم کان ڳالھ ڪرڻ ته رهيو پري انهن ڏانهن ڏسڻ کان به پنهنجو پاڻ کي بچائيندا آهن۔ اچو! ترغيب طور 3 ايمان افروز واقعا ٻڌون ٿا ۽ نصيحت جا مدني گل چونڊي پنهنجي دل جي مدني گلدستي ۾ سجائڻ جي ڪوشش ڪريو اسان به نيت ڪريون ٿا ته حڪمِ شريعت تي عمل ڪندي هن اللہ  وارن جي ادا کي ادا ڪندي پنهنجي نظر جي حفاظت ڪنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

هميشه مٿو  ۽  اکيون جُھڪائي رکندا هئا!