Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

تم جانتے ہو کیا ہے یہ دعوتِ اسلامی   فیضانِ مدینہ ہے فیضانِ مدینہ ہے

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

”ويلنٽائن ڊي“ جون خرابيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄڪلھ مسلمانن جي عملي حالت ڪافي خراب ٿيندي پئي وڃي مُسلمان ديني تعليمات کي ڇڏي اَغيار جون عادتون ۽ طور طريقا اپنائڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪري ٿو خاص ڪري انهن جي خاص ڏيهاڙن کي ملهائڻ جي لاءِ خُوب پيسو برباد ڪري، وقت ضائع ڪري ۽ بدنگاهي، شراب نوشي ۽ بدڪاري جهڙن گناهن ۾ ٿورو به شرم محسوس نٿو ڪري۔ اهڙين ئي برائين جو اِرتڪاب ”ويلنٽائن ڊي“ جي موقعي تي به سَرعام ڪيو ويندو آهي۔ هن ڏينهن ماڻهو تمام شرعي حدن کي اورانگھي خوب گناهن جو بازار گرم ڪندا آهن۔ هن ڏهاڙي کي ملهائڻ جو انداز هي هوندو آهي ته نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بي پردگي ۽ بي حيائي سان ميل ملاپ، تحفا سوکڙين جي ڏي وٺ کان وٺي فحاشي ۽ عرياني جي هر قسم جو مظاهرو کلي عام يا لڪي چوري جنهن جو جيترو وس هلي ٿو عام ڏٺو يا ٻڌو ويندو آهي، گفٽ شاپس (gift shops) ۽ گلن جي دڪانن تي رش ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ انهن شين کي خريدڻ وارا به نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هونديون آهن۔ ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي عام ڏينهن جي مقابلي ۾ هوٽلن جون بڪنگون وڌي وينديون آهن۔ ۔شراب جو (مَعَاذَ اللہ  عَزَّوَجَلَّ) تمام گھڻو ڪاروبار ٿيندو آهي سمنڊ جي ڪناري تي بي پردگي ۽ بي حيائي جو هڪ نئون سمنڊ ڏسڻ ايندو آهي۔

اهي ملڪ جتي غير مسلم مذهبي ۽ اخلاقي پابندين کان آزاد رهن ٿا ۽ بي حيائي جي ڪمن کي اتي هر طرح جي قانوني ڇوٽ حاصل آهي ان ڏينهن جي ڌمچر مچائڻ، گوڙشور ڪرڻ کان بعض اوقات اهي به پريشان ٿي ويندا آهن ۽ ان جي خلاف بعض اوقات ڪٿي ڪٿي دٻيل احتجاج جي صداء به بلند ٿيندي