Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

ترجمو ڪنزالايمان: مسلمان مردن کي حڪم ڏي ته پنهنجي نظر جھڪي رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن اهو انهن جي واسطي گھڻو پاڪيزه آهي بيشڪ اللہ  کي انهن جي ڪمن جي خبر آهي۔

دعوتِ اسلامي جي اشاعي اداري مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”مختصر منهاج العابدين“ جي صفحي نمبر 62 تي آهي هتي نگاهون هيٺ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ٻانهي تي لازم آهي ته پنهنجي مالڪ جي حڪم تي عمل ڪري نه ته اهو بي ادب قرار ڏنو ويندو ۽ ان کي روڪي مالڪ جي بارگاھ ۾ حاضري جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ آيت سڳوري ۾ اهو جيڪو فرمايو ويو: ذٰلِکَ اَزۡکٰی هي ان جي لاءِ پاڪيزه آهي يعني ان جي دلين کي پاڪ ڪرڻ ۽ ان جي ڀلائي کي وڌائڻ وارو آهي۔ هن فرمان مان باخبر ڪيو ويو ته نگاهن کي هيٺ رکڻ ۾ دل جي پاڪيزگي ۽ عبادت ۽ ڀلائي جي ڪثرت آهي۔ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن توهان پنهنجي نگاھ کي نه روڪيندوء ۽ ان جي لگام ڍري ڇڏي ڏيندوء ته اها لايعني شين کي ڏسندي ۽ جيڪڏهن اللہ  پاڪ جي رحمت شامِلِ حال نه ٿي ته توهان هلاڪ ٿي ويندوء۔ ان ڪري يا ته توهان حرام کي ڏسندو ته گناھ ۾ پئجي ويندو يا وري مباح ڏانهن نگاھ ڪندو ته توهان جي دل ان ۾ مشغول ٿي ويندي ۽ توهان کي ان جي ڪري مختلف وسوسا ۽ خيال ايندا، آخرڪار توهان جي دل ڀلائي کان غافل ٿي انهيءَ ۾ لڳل رهندي۔ (مختصر منهاج العابدين،ص۶۲)

ياد رکو! جهڙي طرح قرآنِ پاڪ ۾ اللہ  پاڪ بد نگاهي کان بچڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي، اهڙي طرح کوڙ احاديثِ مبارڪه ۾ به مسلمان مردن کي نگاهون جهڪائي رکڻ ۽ اللہ  پاڪ جي حرام ڪيل شين کي ڏسڻ کان بچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ اچو! هن باري ۾ 3 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو:

نگاهون هيٺ رکڻ جي باري ۾ 3 حديث سڳوريون

فرمايائون: ”توهان راهن ۾ ويهڻ کان بچو۔“ صحابه ڪرام رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْهم اَجْمَعين