Book Name:سادات کرام کے فضائل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جي بُزرگانِ دِين رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي سينن ۾ سيد سڳورن سان همدَردِي ۽ خَير خَواهي جو جَذبو ڪيتري قَدَر گھڻو هو، جو عِيدِ سعيد جي مَوقعي تي به حاجَت مَند سيد سڳورن کي نه وساريندا هئا، پنهنجي ذات جي لاءِ ته تنگ دَستي به خوشي خوشي برداشت ڪندا هئا پر قُربان وڃجي جو رِضاءِ اِلٰهي ۽ مُصطَفٰي ڪريم جي خوشيءَ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، سمورن سيدن جي سردار، سڄي ڪائنات جي سالارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نِسبَت ۽ شَرَافَت حاصِل ٿيڻ سبب سيد سڳورن کي خالي هٿين نه موٽائيندا هئا، ايستائين جو پنهنجون خوشيون ۽ پنهنجي حِصّي جي رَقم به انهن جي قَدمن تي فِدا ڪندا هئا ۽ اهڙي طرح الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رَسُول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪرم نوازِين جا حَقدار ٿيندا هئا، تنهنڪري اسان کي به کپي ته اسان به هنن الله وارن جي پَيرَوِي ڪندي پنهنجي دِل ۾ سيد سڳورن جي مَحَبَّت ۽ اُلفت کي پيدا ڪريون، انهن جي شان ۽ عظمت کي سڃاڻيون، انهن جو سهارو بڻجون ۽ حاجت مند سيد سڳورن جي خَير خَواهي کي پنهنجي زِندگي جو لازِمي حِصَّو بڻايون۔

بَيان ڪيل حِڪايت مان اسان کي هڪ مَدَني گل اهو به مليو ته جيڪي ماڻهو سيد چورائن ٿا، اسان کي انهن کان سَيد هئڻ جو ثُبوت گھرڻ بدران انهن کي سَيد تسليم ڪري دِل ۽ جان سان انهن جي تعظيم ۽ حَيثِيت مطابق انهن جي خِدمت ڪرڻ گھرجي، جيئن ته

سَيد هئڻ جو ثُبوت گُھرڻ ڪيئن؟