Book Name:سادات کرام کے فضائل

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

سيد سڳورن جي خِدمت جو اِنعام

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”عُيون الحڪايات (حِصّه اوّل)“ صَفحو 197 تي آهي ته حضرت سَيدُنا ابُو عَبدُالله وَاقِدِي قاضِي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري عِيد جي مَوقعي تي اسان وٽ خَرچ پکي جي لاءِ ڪجھ به رَقم نه هئي، گھڻي تنگ دَستي (غُربت) جا ڏينهن هئا، انهن ڏينهن ۾ يحييٰ بن خالِد بَرمَڪي حاڪم هو، عِيد اچڻ واري هئي، اسان وٽ ڪجھ به نه هو، منهنجي هڪ ٻانهي مون وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي: عِيد بلڪل ويجھو آهي ۽ گھر ۾ ڪجھ به خَرچ نه آهي، اوهان ڪا ترڪيب ڪريو ته جيئن گھر وارا عِيد جي خوشين ۾ شريڪ ٿي سگھن۔ ان ڪري مان پنهنجي هڪ واپاري دوست وٽ ويس ۽ ان جي اڳيان پنهنجو سڄو احوال بَيان ڪيو۔ ان