Book Name:سادات کرام کے فضائل

بعد رَبِيعُ الآخِر جو مُبارَڪ مهينو جَلْوَه گَر ٿيڻ وارو آهي، جنهن کي قُطبِ رَبّاني ،مَحبوبِ سُبحاني، پِيرِ لاثاني شَيخ عَبْدُالقادِرجِيلانيرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه سان خاص نِسْبَت حاصِل آهي۔الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کي جتي ٻين کوڙ خُوبين سان نوازيو هو اتي اها بي مثال خُوبي به سندن وُجودِ مَسعود جو حِصَّو هئي جو پاڻ سادات ڪرام جي گھراڻي کان تَعَلُّق رکڻ وارا حَسَنِي ۽ حُسَينِي سَيد هوا۔ اچو! سندن مُخْتَصَر ذڪر خَير ٻڌون ٿا، جيئن ته

غَوثِ پاڪ جو نالو ۽ نَسَب

حضرت سيدُنا غَوثُ الاَعظَم شَيخ عبدُالقادِرجِيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وِلادَتِ باسَعادَت پهرين رَمَضان ۴۷۰ھ جُمعَةُ المُبارَڪ جو جِيلان ۾ ٿي۔ سندن ڪُنيت ابُومحّمد آهي جڏهن ته مُحِي الدِّين، مَحبوبِ سُبحاني، غَوثِ اَعظم، غَوثِ ثَقَلَين وغيره سندن لقب آهن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي والِدِ مُحتَرم جو نالو حضرت سَيدُنا ابُو صالِح مُوسيٰ جَنگي دوست ۽ والِده مُحتَرَمَه جو نالو اُمُّ الخَير فَاطِمَه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا آهي، اوهان والِد جي طرف کان حَسَنِي ۽ امڙ سائيڻ جي طرفان حُسَينِي سَيد آهن۔ (شرح شجره قادريه رضويه عطاريه،ص۸۳) رَبِيعُ الآخِر 561 سنِ هجري ۾ بعد نَمازِ مَغرِب سندن وِصال مُبارَڪ ٿيو۔(الزيل علي طبقات الحنابلة، ۳/۲۵۱)

تُو حُسَیْنِی حَسَنِی کیوں نہ مُحِیُّ الدِّیں ہو

 

اے خِضْر مَجْمَعِ بَحْرَیْن ہے چَشْمَہ تیرا

(حدائقِ بخشش،ص۱۹)

مختصر وضاحت:اي اسان جا غوث پاڪ توهان پنهنجي والدِ ماجد جي طرف کان حضرت سيدنا امام حسن جڏهن ته والده ماجده جي طرف کان حضرت سيدنا امام حسين رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُمَا  جي اولاد آهيو ته پوءِ اوهان دين اسلام کي زندگي بخشڻ وار ڪيئن نه هوندوء اي محبوب جي امت جا خضر! اوهان جي