Book Name:سادات کرام کے فضائل

سُنّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں

 

نیک ہو جائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نِڇ ڏيڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو!شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علّامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101مدني گل“ مان نڇ ( يعني ڇڪ) ڏيڻ جون چند سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا  :

پهريان ٻه فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪيو: ٭ الله عَزَّوَجَلَّ کي نِڇ پسند آهي ۽ اوٻاسي پسند ناهي۔ ( بخاری،۴/۱۶۳،حدیث:۶۲۲۶) ٭ جڏهن ڪنهن کي نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُلِلّٰہِ چوي ته ملائڪ رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ چوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهو رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ چوندو آهي ته ملائڪ چوندا آهن: اللهعَزَّوَجَلَّ تو تي رحم فرمائي۔ (معجم کبیر،۱۱/۳۵۸،حدیث:۱۲۲۸۴) ٭ نڇ جي وقت مٿو جهڪايو، منهن لڪايو، ۽ آواز آهستي ڪڍو، نِڇ جو آواز بلند ڪرڻ بيوقوفي آهي۔ ( رَدُّالْمُحتار،۹/۶۸۴ ) ٭ نِڇ اچڻ وقت اَلْحَمْدُلِلّٰہ چوڻ گهرجي۔ (خزائن العرفان صفحي 3 تي طحطاوي جي حوالي سان نڇ اچڻ تي حمد الـٰهي کي سنتِ مؤَڪده لکيو آهي) بهتر اهو آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ يا اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ٭ ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته فورًا يَرْحَمُکَ الله (يعني اللهعَزَّوَجَلَّ توتي رحم فرمائي) چوي ۽ ايتري آواز سان چوي جو نڇ ڏيڻ وارو پاڻ ٻڌي۔ ( بہارِشريعت،حصّہ۱۶،/۱۱۹) ٭ جواب ٻڌي نڇ ڏيڻ وارو چوي: ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَ لَکُمْ(يعني الله عَزَّوَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي بخشش فرمائي) يا هي چوي: ” یَھْدِیْکُمُ اللهُ وَ یُصْلِحُ بَالَکُمْ (يعني الله عَزَّوَجَلَّ توهان کي هدايت ڏي ۽ توهان جو حال صحيح ڪري) (فتاویٰ ہندیۃ،۵/۳۲۶)  ٭ جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ۽ پنهنجي زبان سڀني ڏندن تي ڦيري ڇڏي ته انشآءالله عَزَّوَجَلَّ ڏندن جي بيمارين کان محفوظ رهندو۔ ( مرآۃ المناجیح،۶/۳۹۶ )