Book Name:سادات کرام کے فضائل

بَيان آهي: هڪ ننڍي عُمر وارا صاحِبزاده گھر جي ڪم ڪار ۾ مدد جي لاءِ (اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي) گھر ۾ مُلازِم ٿيا۔ بعد ۾ معلوم ٿيو ته هي سَيد زادا آهن، تنهنڪري (اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) گھر وارن کي تاڪيد فرمائي ته صاحِبزادي کان خَبر دار ڪو ڪم نه ورتو وڃي ڇاڪاڻ ته مَخدُوم زاده آهن (يعني پياري آٓقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا فَرزَندِ اَرجُمَند آهن ان کان خِدمت ناهي وٺڻي بلڪه انهن جي خدمت ڪرڻي آهي تنهنڪري) کاڌو وغيره ۽ جنهن شيء جي ضَرورت هجي (ان جي خدمت ۾) حاضِر ڪئي وڃي۔ جيتري پگھار (Salary) جو وَعدو آهي اهو نَذراني طور پيش ٿيندو رهي، پوءِ سندن اِرشاد مُطابِق حڪم جي تعميل ٿيندي رهي۔ ڪجھ عَرصي بعد اهو صاحِبزادو پاڻ ئي تشريف کڻي ويو۔  (حيات اعليٰ حضرت، ۱/۱۷۹)

جو ہے اللہ کا وَلِی بے شک                            عاشِقِ صادِقِ نَبِی بے شک

غَوْثِ اعظم کا جو ہے مَتْوَالا                           واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

اميرِ اهلسُنّت ۽ تعظيمِ سادات

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جو رِسالو ”ساداتِ ڪرام جي عظمت “ صَفحي 3 تا 5 تي آهي: عَرَب اَمارات ۾ قِيام دَوران بعض ٽيسٽ (Test) ڪرائڻ جي لاءِ اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه هڪ صاحِب جي ذريعي سان دوبئي جي هڪ اَسپتال جي ليبارٽري ۾ تشريف کڻي ويا، پنهنجي پيشاب جي شيشي(Urine bottle) اُن صاحِب جي زور ڀرڻ باوُجُود اُنهن کي کڻڻ جي لاءِ نه ڏني۔ بعد ۾ سندن خِدمت ۾ عَرض ڪيو ويو ته اوهان ان صاحِب کي پنهنجي (پيشاب جي بوتل) (Urine bottle) نه ڏني، ان ۾ ڪهڙي حِڪمت هئي؟ جواب ۾ اِرشاد فرمايائون: هو سَيد سڳورو هو مان ان کي پنهنجي پيشاب جي بوتل ڪيئن ڏيان هان؟ جيڪڏهن قِيامت جي ڏينهن سَيد سڳوري جو جَدِّ