Book Name:سادات کرام کے فضائل

ٿي ويا، نرڙ تي گھنج پئجي ويا، پاڻ جَلال ۾ اچي اِرشاد فرمايائون: الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! مون توهان ماڻهن کي جيڪي قِيمَتِي ڪپڙا پارايا آهن انهن کي ڏسي مون کي ٿورڙي به خُوشي ناهي ٿي۔ سڀ ماڻهو هي ٻڌي حَيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ عَرْض ڪرڻ لڳا ته سائين! اهڙي ڇا ڳالھ ٿي جو پاڻ اهو اِرْشاد فرمائي رهيا آهيو؟ جڏهن ته هي سمورا ڪپڙا اوهان پاڻ ئي عطا ڪيا آهن۔ اِرْشاد فرمايائون: هي ڳالھ مان هنن ٻنهن شهزادن رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما جي ڪري چئي رهيو آهيان، جيڪي ماڻهن جي وچ ۾ هن حالت ۾ هلي رهيا آهن جوانهن ٻنهن هنن قِيمَتِي ڪپڙن مان ڪو ڪپڙو به پاتو نه آهي۔ راوِي چون ٿا ته پاڻ هڪدم يمن جي حاڪمِ کي خَط (Letter) لکيو ته جَلد کان جَلد اِمامِ حَسَن ۽ اِمامِ حُسَين
 رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهمَا جي لاءِ 2 بهترين ۽ قِيمَتِي لِباس تيار ڪرائي موڪليو۔ حاڪمِ يمَن هڪدم حڪم جي پيروي ڪندي ۽ 2 لِباس تيار ڪرائي موڪلي ڏنا۔ پاڻ حَسَنَينِ ڪرِيمَين رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهمَا کي اهي وڳا پارايا ۽ خوش ٿي اِرْشاد فرمايائون: الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! جيستائين انهن ٻنهن شهزادن رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهمَا نئوان ڪپڙا نه پاتا هئا مون کي ٻين جي پائڻ جي ڪا خوشي نه هئي۔ هڪ رِوايت ۾ هن طرح آهي ته حَسَنَينِ ڪرِيمَين رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهمَا کي ڪپڙا پارائي پاڻ اِرْشاد فرمايائون: هاڻي مان خوش آهيان۔(تاريخ ابنِ عساڪر،۱۴/۱۷۷)

کیا  بات  رَضا  اُس  چمنستانِ  کرم  کی              زَہرا ہے کلی جس میں حُسَیْن اور حَسَن پُھول

(حدائقِ بخشش،ص۷۹)

 اعليٰ حضرت ۽ تعظيمِ سادات

حياتِ اعليٰ حضرت ۾ آهي: جناب سيد ايوب علي صاحِب(رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) جو