Book Name:سادات کرام کے فضائل

رب ڪريم مون کي انسان بڻائي موڪليو آهي، اي مديني وڃڻ وارا تون بارگاهه رسالت ۾ منهنجو سلام روئي ڪري پيش ڪجان

ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ڪنهن سَيد زادي کي ڏسي اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو هي شِعر جُھومي جُھومي پڙهڻ لڳندا آهن :

تیری نَسْلِ پاک میں ہے بچّہ بچّہ نُور کا

 

تُو ہے عَیْنِ نُور تیرا سب گھرانا نُور کا

(حدائقِ بخشش،ص۲۴۶)(ساداتِ کرام کی عظمت،ص۳ تا۵ملتقطاًبتغیر قلیل)

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”هفتيوار سُنَّتن ڀريو اِجتِماع“

      سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ ! ٻڌو اوهان ته سيد سڳورن جو اَدب ۽ انهن جي تعظيم ۽ تَوقِير جي مُعَامَلي ۾ الله وارن جو ڪردار ڪيتري قدر شاندار هوندو آهي ته انهن کي پنهنجي خوشي کان وڌيڪ آلِ رَسُول جي خوشي عزيز هوندي آهي، تنهنڪري اسان کي به کپي ته اسان به سيد سڳورن جي غُلامي جو پَٽّو پنهنجي ڳچي ۾ وجھي انهن جي خدمت گذاري کي پنهنجو شِعار بڻايون، انهن جو گھڻو اَدب ۽ اِحتِرام ڪريون، انهن جي خوشي کي پنهنجي خوشي ۽ انهن جي غم کي پنهنجو غم سمجھون ۽ ان مَدَني سوچ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهندي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺڻ وارا بڻجي وڃون۔ 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مَدَني ڪم ”هفتَيوار سُنَّتن ڀريو اِجتِماع“ به آهي۔اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ هفتَيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان ساداتِ ڪرام جو اَدَب نصيب ٿيندو آهي، هفتَيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع جي بَرَڪت سان علمِ دِين سکڻ جي سعادت ملندي آهي، هفتَيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ دُعائون قَبُول ٿين ٿيون، هفتَيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع