Book Name:سادات کرام کے فضائل

 

اچو! ان باري ۾ هڪ سبق آموز حِڪايت ٻڌو ۽ ساداتِ ڪرام جي ناراضي ۽ بي اَدَبي ۽  مُصطَفٰي ڪريم جي ناراضي سان الله تعاليٰ جي پناھ طَلَب ڪريو جيئن ته

سَيد سڳوري کي مارڻ جي عجيب حڪايت

سَيدي عَبدُ الوَهاب شَعرَاني رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: سَيد شريف پاڻ حضرت خَطَّاب رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي خانقاھ ۾ بَيان ڪيو ويو ته ڪاشِفُ البُحَيرَه هڪ سَيد سڳوري کي ماريو ته ان کي انهيءَ رات خواب ۾ جنابِ رِسالتِ مآب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ان حال ۾ زِيارت ٿي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان اِعرَاض ڪري رهيا آهن (يعني رُخِ اَنوَر ڦيري رهيا آهن)۔ان عَرْض ڪيو: يارَسُولَ اللهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجو ڪهڙو گناھ آهي؟ فرمايائون: تون مون کي مارين ٿو، جڏهن ته مان قِيامت جي ڏينهن تنهنجو شَفِيع (يعني شَفاعَت ڪرڻ وارو) آهيان۔ ان عَرض ڪيو، يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مون کي ياد ناهي ته مون اوهان کي ماريو آهي۔ اِرشاد فرمايائون: ڇا تو منهنجي اَولاد کي ناهي ماريو؟ ان عَرض ڪيو: ها۔ فرمايائون: تنهنجي ضَرب (مار) منهنجي ئي ڪارائي تي لڳي۔ پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مُبارَڪ ڪارائي ڪڍي ڏيکاري جنهن تي وَرم (Swelling) هو ڄڻ ته ماکي جي مک ڏنگ هنيو هجي۔ اسان الله تعاليٰ کان عافِيت جو سُوال ڪريون ٿا۔ (برکاتِ آلِ رسول،ص ۲۶۷-۲۶۸)

مَحفوظ سَدا رکھنا شہا! بے اَدَبوں سے

 

اور مجھ سے بھی سَر زَد نہ کبھی بے اَدَبی ہو

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۱۵)

مجلس مڪتبة المدينه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ساداتِ ڪرام جو مُعَامَلو وڏو ئي نازُڪ