Book Name:سادات کرام کے فضائل

رِسالو ”ساداتِ ڪرام جي عظمت“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته ساداتِ ڪرام جي ڏُک دَرد کي مَحسوس ڪرڻ ۽ انهن جي خِدمت ڪرڻ ڪهڙو مُبارَڪ عمل آهي جو اَولادِ رَسُول جي خِدمت جي بَرَڪت سان الله تعاليٰ هڪ غير مسلِم کي نه صِرف دَوْلتِ اِيمان بلڪ جنّتي مَحلّ کان به سَرفَراز فرمايو، ٿورو سوچيو ته جڏهن غير مُسلِم سيدن جي تعظيمِ ۽ انهن جي خيرخواهي جي ڪري نُورِ اِسلام مان فَيض ياب ٿي جنّتي مَحلّ جو حَقدار ٿي رهيا آهن ته جيڪو مُسَلمان انهن سان حُسنِ سُلوڪ سان پيش ايندو ۽ خُوش دِلي سان انهن جي حاجت رَوائي جي سَعادت(Felicity) ماڻيندو ته ان خوش نصيب کي ربِّ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ ڪهڙن ڪهڙن اِنعام ۽ اِڪرام سان نوازيندو۔ تنهنڪري اسان کي کپي ته اسان به ساداتِ ڪرام جي اَهمِّيت ۽ فضيلت کي سمجھون ۽ عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي سان وابسته رهي ڪري مڪتبة المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جي مطالعي جي عادت بڻايو الحمد لله عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه تان جاري ٿيندڙ ڪتابن ۽ رسالن جي مطالعي جي برڪت سان گهڻو علم دين حاصل ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي خاص طور تي امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليہ جا لکيل مختلف موضوعن تي رسالا نهايت آسان انداز ۾ ۽ نهايت گهٽ صفحن تي مشتمل هجڻ جي باوجود پڙهڻ واري کي گهڻي قيمتي معلومات سان مالا مال ڪندا آهن جي ها انهن رسالن مان هڪ رسالو”پراسرارخزانه“به آهي