Book Name:سادات کرام کے فضائل

۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جو ذِڪرِ خَير ٿيندو آهي۔ حضرت سَيدُنا سُفيان بِن عُيينَه رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: عِنْدَذِکرِ الصّٰلِحِينَ تَنْزِلُ الرَّحْمَة يعني نيڪ ماڻهن جي ذِڪر جي وَقت رَحمتِ اِلٰهي نازل ٿيندي آهي۔(حلية الاولياء، سفيان بن عيينه،۷ / ۳۳۵ ، رقم: ۱۰۷۵۰)

 اچو! تَرغِيب طور هفتَيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ حاضِري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ اِجْتِماع ۾ پابندي سان حاضِر ٿيڻ جي نِيت ڪري وٺو:

مَسخري جي تَوبَه

مَرڪزُ الاَولِيا لاهور جو هڪ اِسلامي ڀاءُ گُناهن ۽ غَفلتن جي وادِين ۾ گُم هو۔ هڪ اِسلامي ڀاءُ اُن کي دعوتِ اِسلامي جي هفتَيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع جي دَعوَت پيش ڪئي۔ هو ان جي دَعْوَت تي اِجتِماع ۾ پهچي ويو، ان کي گھڻوسٺولڳو، تنهنڪري ان پابندي سان وڃڻ شُرُوع ڪري ڇڏيو، نَمازن جي پابندي به شُروع ڪري ڇڏي ۽ عِمامو شريف به سَجائي ورتو، گھر جي ڪن ڀاتين سَختي سان مُخَالَفَت ڪئي پر مَدَني ماحول جي ڪشش ۽ عاشِقانِ رَسُول جو حُسنِ سُلُوڪ ان کي دعوتِ اِسلامي جي ويتر قريب ڪندو ويو، مڪتبة المدينه تان جاري ٿيندڙ سُنَّتن ڀرين بَيانن جون ڪيسٽون ٻڌڻ سان اميد وڌي ۽ حَوْصَلو ملندو ويو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ آهستَه آهسْتَه ان جي گھر ۾ به مَدَني ماحول بڻجي ويو۔

اے بیمارِ عِصْیَاں تُو آجا یہاں پر

 

گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

اگر دردِ سر ہو، کہیں کینسر ہو

 

دِلائے گا تُم کو شِفا مَدَنی ماحول

شِفائیں مِلیں گی، بَلائیں ٹلیں گی

 

یقیناً ہے بَرَکت بَھرا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ

 

گناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد