Book Name:سادات کرام کے فضائل

دُرُودِ پاڪ جي فضيلت

رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو مون تي دُرودِ پاڪ پڙھندوآهي ان جو دُرُود مون تائين پَهچي ويندو آهي، مان ان جي لاءِ اِستِغفار (يعني بخشش جي دُعا) ڪندو آهيان ۽ ان کان عِلاوه ان جي لاءِ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن۔ (معجم اوسط،من اسمہ احمد ،۱/ ۴۴۶،رقم: ۱۶۴۲)

 

گرچہ ہیں بے حد قُصُور تم ہو عَفُوّ و غَفُور                بخش دو جُرم و خَطا تم پہ کروڑوں دُرود

(حدائقِ بخشش،ص۲۶۶)

مختصر وضاحت: اي منهنجا شفيق آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  اسان اعتراف ڪريون ٿا ته اسان جا گناهه گهڻا وڌيڪ آهن پر اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ته گهڻا وڌيڪ درگزر ڪرڻ وارا آهيو۽ بخشش فرمائڻ وارا آهيو تنهنڪري اسان جي جرمن ۽ خطائن کي به بخشي ڇڏيو الله پاڪ اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي ڪروڙين درود ۽سلام نازل فرمائي .

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

           (2)  جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.