Book Name:سادات کرام کے فضائل

قُلْ لَّاۤ اَسْــٴَـلُكُمْ عَلَیْهِ اَجْرًا اِلَّا الْمَوَدَّةَ فِی الْقُرْبٰىؕ-(پ۲۵،الشوري:۲۳)

تَرجَموڪنزالايمان: تون فرماءِ مان ان تي توهان کان ڪو به بدلو نه ٿو گھُران، مگر قَرابَت جي مَحَبّت.

بيان ڪيل آيتِ مُبارَڪه جي تفسير ۾ اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسُنّت مَولانا شاھ اَحمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته قُرْبٰي مان مُراد سيد سڳورا ۽ اَهلِ بَيتِ عِظَّام(رِضْوَانُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين) آهن۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت،ص۵۰۱)

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اَهلِ بَيتِ اَطْهار ۽ ساداتِ ڪرام اهي مُقَدَّس هستيون آهن جو انهن سان مَحَبَّت رکڻ ۽ انهن سان حُسنِ سُلوڪ ڪرڻ جون فضيلتون ۽ خوبيون اَحاديثِ مُبارَڪه ۾ به بيان ٿيون آهن، جيئن ته

ساداتِ ڪرام سان حُسنِ سُلُوڪ جي فضيلت

سراپا انوار، تمام نبين جي سالارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جيڪو منهنجي اَهلِ بَيت مان ڪنهن سان به سٺو سُلوڪ ڪندو، مان قِيامت جي ڏينهن ان جو صِلو (بَدلو) ان کي عطا ڪندس۔(جامع صغير، ص۵۳۳، حديث:۸۸۲۱) هڪ ٻي هنڌ تي اِرْشاد فرمايائون: جيڪو شخص اَولادِ عَبدُ المُطَّلِب مان ڪنهن سان دُنيا ۾ نيڪي(ڀلائي) ڪري ان جو صِلو ڏيڻ مون تي لازِم آهي جڏهن اهو قِيامت جي ڏينهن مون سان ملندو۔ (تاريخ بغداد،۱۰/ ۱۰۲،حديث:۵۲۲۱)

 ہم کو سارے سَیِّدوں سے پِیار ہے

اِنْ شَآءَ اللہ اپنا بیڑا پار ہے