Book Name:سادات کرام کے فضائل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته آلِ رَسُول (يعني سيدن) سان مَحَبَّت ۽ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي پياري رَسُول، رَسُولِ مَقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مَحبوب آهي۔اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اسان جا بُزرْگانِ دِين رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين اهڙا عاشِقِ رَسُول هئا جو جن جي هر هر ادا مان اَدَب ۽ تعظيم جو ظُهور ٿيندو هو، عشقِ رَسُول جِن جو قِيمَتِي سَرمَايو ۽ آلِ رَسُول جي مَحَبَّت انهن جي لاءِ رُوحاني آڪسيجن جي حَيثِيت رکندي هئي، جن جي سڄي زِندگي عشقِ رَسُول جا جام پيئندي پياريندي ۽ آلِ رَسُول جو اَدب ۽ انهن جي خدمت ڪندي گذري۔ اچو! ترغيب طور بُزرگن جا ڪجھ قابلِ رَشڪ واقِعا ٻڌو ۽ پنهنجو اِيمان تازو ڪريو، جيئن ته

حَسَنَينِ ڪرِيمَين جي خُوشي ۾ فاروقِ اعظم جي خُوشي!

حضرت سَيدُنا امام جَعْفَر صادِق رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي والِدِ گِرامي حضرت سَيدُنا امام محمد باقِر رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان رِوايت ڪن ٿا ته اَمِيرُ الْمُؤمِنِين حضرت سَيدُنا عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه وٽ يمَن مان ڪجھ عُمده ڪپڙا آيا ته پاڻ اهي ڪپڙا مُهاجِرِين ۽ اَنصار ۾ ورهائي ڇڏيا۔ ماڻهو اهي ڪپڙا پائي گھڻي خوشي مَحسوس ڪري رهيا هئا، پاڻ مِنبرِ رَسُول ۽ قَبرِ اَنوَر جي وچ ۾ تشريف فرما هئا، ماڻهو سندن خِدمت ۾ حاضِر ٿي پاڻ کي سلام ڪندا ۽ دُعائون ڏيندا هئا۔ اوچتو سندن اڳيان ڪونين جي شهزاديءَ جي مبارڪ گھر مان حَسَنَينِ ڪرِيمَين (يعني حضرت سيدنا اِمامِ حسن ۽ حضرت سيدنا اِمامِ حسين) رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما ٻاهر تشريف کڻي آيا، سَيدَه فَاطِمَة الزَّهرَاء رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو گھر مَسجِدِ نَبَوِي جي اڱڻ ۾ ئي هو۔ ٻنهي شهزادن رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما جي بدنن تي انهن عُمده ڪپڙن مان ڪو ڪپڙو نه هو۔ جيئن ئي پاڻ شهزادن کي ڏٺو ته سندن تَيوَر (انداز) تبديل