Book Name:سادات کرام کے فضائل

ڪيو وڃي۔(فتاويٰ رضويه ،/بتغير) (ساداتِ کرام کی عظمت،ص۱۵-۱۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسُنّت مَولانا شاھ اَحمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي اِرشادِ گِرامي ۾ انهن نادانن جي لاءِ عِبرت جا مَدَني گل مَوجود آهن جو جن جو سيد سڳورن جي تعظيم ۽ تَوقير ۽ اَدب ڪرڻ يا انهن جي حاجَت رَوائي ڪرڻ جو ان وَقت تائين ذِهن ئي نٿو بڻجي ته جيستائين سيد سڳورا پنهنجي نَسَب (Lineage) تي ڪو گَواھ پيش نه ڪري ڇڏين يا سَنَد نه ڏيکارين۔ اهڙن کي ڊڄڻ گھرجي ته انهن جي هن بُري عادت جي سبب جيڪڏهن ناناءِ حَسَنَين، تاجدارِ حَرَمَينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناراض ٿي ويا ۽ قِيامت جي ڏينهن ان کان ان جي مسلمان هئڻ جو ثُبوت طَلب ڪيائون ته ياد رکو! ان وَقْت سَخت شَرمساري ٿي سگھي ٿي۔ اچو! ان باري ۾ عِبرت ۽ نصيحت ڀرين مَدَني گلن سان مُزَين هڪ فِڪر اَنگيز حِڪايت ٻڌون ٿا جيئن ته،

عظيمُ الشّان جنتي محل

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”مُڪاشَفَة الْقُلُوْب“ صَفحي نمبر 471 تا 472 تي آهي: سيدن جي خوشحال گھرانن مان هڪ گھر ۾ سَيد سڳوريون رهنديون هيون، خُدا (عَزَّوَجَلَّ) جو ڪرڻ اهڙو ٿيو جو انهن جو پيءُ فوت ٿي ويو، اهي ننڍڙيون يتيم ۽ محتاجي ۽ مفلسي جو شِڪار ٿي ويون، ايستائين جو اُنهن شَرم وچان پنهنجو وطن ڇڏي ڏنو، وَطن مان نڪري ڪنهن شهر (City) جي وِيران مسجد ۾ ترسي پيون، انهن جي ماءُ انهن کي اتي ويهاريو، ۽ پاڻ کاڌو وٺڻ جي لاءِ ٻاهر نڪري ويون، پوءِ اهي