Book Name:سادات کرام کے فضائل

ان واپاري دوست کي ڏئي ڇڏي۔ جڏهن منهنجي ان واپاري دوست اها ڳوٿري ڏٺي ته هڪدم سڃاڻي ورتي ۽ مون وٽ اچي پڇڻ لڳو: جيڪا رَقم توهان مون کان وٺي آيا هئا، اها ڪٿي آهي؟ مون ان کي سمورو واقعو ٻڌايو ته هو چوڻ لڳو: اِتِّفاق سان اهو ئي سَيد سڳورو منهنجو به دوست آهي، مون وٽ صِرْف اهي ئي ٻارهن سو(1200) دِرهم هئا جيڪي مون اوهان کي ڏنا، اوهان ان سَيدزادي کي ڏنا ۽ ان مون کي ڏئي ڇڏيا، اهڙي طرح اسان مان هر هڪ پنهنجي پاڻ تي ٻئي کي ترجيح ڏني ۽ ٻي جي خُوشي جي خاطِر پنهنجي خُوشي قُربان ڪئي۔ اسان جي هن واقِعي جي خَبَر ڪنهن طرح حاڪمِ وَقت يحييٰ بن خالِد بَر مَڪي وٽ پهتي، ان هڪدم پنهنجو قاصِد موڪليو جنهن مون وٽ اچي ان جو پيغام ڏنو ته مان پنهنجي ڪجھ مَصروفيتن سبب اوهان جي باري ۾ غافِل رهيس مون کي اوهان جي حالتن جي باري ۾ خبر نه پئجي سگھي، هاڻي مان پنهنجي غُلام جي هٿان ڏھ هزار(10000) دِينار (سون جا سڪا) موڪلي رهيو آهيان، ان مان ٻه هزار(2000) اوهان جي لاءِ، ٻه هزار (2000) اوهان جي واپاري دوست جي لاءِ ۽ ٻه هزار(2000) ان سَيد سڳوري جي لاءِ باقي چار هزار(4000) دِينار توهان جي عظيم ۽ سعادت مند زال جي لاءِ آهن ڇوته هوءَ توهان سڀني کان وڌيڪ اَفضل ۽ عشقِ رسول جي پيڪر آهي (عيون الحکايات،۱/۱۹۷ملخصاً)

تیری نسلِ پاک میں ہے  بچّہ بچّہ نُور کا

 

تو ہے عَیْنِ نُور تیرا سب گھرانا نُور کا

(حدائقِ بخشش،ص۲۴۶)