Book Name:سادات کرام کے فضائل

هڪدم مون کي هڪ مُهر بند (مُهر لڳائي بند ڪيل) ڳوٿري ڏني، جنهن ۾ ٻارهن سو (1200) دِرهم هئا، مان انهن کي کڻي گھر موٽيس ۽ گھر وارن جي حوالي ڪري ڇڏي، گھر وارن کي ڪجھ تَسَلّي ٿي ته هاڻي عِيد سٺي گذرندي، اڃان اسان ان ڳوٿري کي کوليو به نه هو جو منهنجو هڪ دوست جنهن جو تَعَلُّق سادات (سيدن) جي گھراڻي مان هو، ان اچي مون کي چيائين ته اسان جا حالات گھڻا خراب آهن ۽ عِيد به ويجھو آهي، گھر ۾ خَرچ وغيره بلڪل ناهي، جيڪڏهن ٿي سگھي ته مون کي ڪجھ رَقم قَرض ڏيو! مون پنهنجي گھرواريءَ کي چيو: اسان اڌ رَقم هن سَيد سڳوري کي قَرض ۽ باقِي اڌ پنهنجي خَرچ لاءِ رکون ٿا۔ هي ٻڌي منهنجي گھرواريءَ چيائين: جڏهن اوهان پنهنجي واپاري دوست وٽ پنهنجي حاجَت مَندي جو سُوال کڻي ويا ته ان اوهان کي ٻارهن سو (1200) دِرهم جي ڳوٿري عطا ڪئي هئي ۽ هاڻي جڏهن ته اوهان وٽ ٻنهي جھانن جي مُختار، سَيدِ اَبرار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَولاد مان هڪ شهزادو پنهنجي حاجَت کڻي آيو آهي ته اوهان ان کي اڌ رَقم ڏيڻ چاهيو ٿا؟ ڇا اوهان جو عشق هن ڳالھ کي پسند ڪري ٿو؟ وڃ! هي سڄي رَقم ان سَيد سڳوري جي قَدمن تي قربان ڪري ڇڏ!، گھرواريءَ جي اها مَحَبَّت ڀري گفتگو ٻڌي مون اها سڄي رَقم پنهنجي دوست کي ڏئي ڇڏي، هو دعائون ڏيندي هليو ويو۔ سَيد سڳورو جيئن ئي پنهنجي گھر پهتو ته ان وٽ منهجو اهو واپاري دوست آيو ۽ ان کي چيائين: اڄڪلھ منهنجو هٿ تنگ آهي، مون کي ڪجھ رَقم اُڌار ڏئي۔ هي ٻڌي ان سَيد زادي اها رَقم جي ڳوٿري منهنجي