Book Name:Shan e Ameer e Muawiya
جي منصب تي رهيو * 14 هزار سال تائين عرش جو طواف ڪندو رهيو * پهرين آسمان ۾ ان جو نالو عابِد * ٻئي آسمان ۾ زاهِد * ٽئين آسمان ۾ عارِف * چوٿين آسمان ۾ وَلِي * پنجين آسمان ۾ تَقِي * ڇهين آسمان ۾ خازِن * ۽ ستين آسمان ۾ عَزَازِيل هو. ([1]) پوءِ هن بدبخت تَڪبّر ڪيو، حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي توهين ڪئي ۽ الله پاڪ جي نافرماني ڪري ابليس ٿي ويو.
اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هزارين سالن جي عبادت هڪ طرف ۽ نبي جي توهين وارو گناهه هڪ طرف...!! هن هڪ نافرماني شيطان جي سموري عبادت کي ضايع ڪري ڇڏيو ۽ اهو هميشه هميشه لاءِ مردود ٿي ويو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن هڪ نافرماني سان شيطان جو جيڪو نقصان ٿيو، اهو ته ٿي چڪو، وڌيڪ هن بدبخت جو انجام ڪيترو دردناڪ ٿيندو، ٻڌو! حضرت ڪعبُ الْاَحْبار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪو بلند رتبي وارا تابعي آهن، کين حافِظُ الْکِتَابَیْن (يعني قرآن ۽ توريت ٻنهي آسماني ڪتابن جو عالِم) چيو ويندو آهي. پاڻ فرمائن ٿا: جڏهن دنيا پنهنجي اختتام تي هوندي، صور ڦوڪڻ جي بلڪل ويجهو هوندو، ان وقت ماڻهو بازارن ۾ هوندا، ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هوندا، ڪجهه پاڻ ۾ جهيڙو ڪري رهيا هوندا، ڪجهه خريداري ۾ مصروف هوندا ته اوچتو زوردار ڌماڪي جهڙو آواز ايندو، ان کي ٻڌي اڌ ماڻهو بيهوش ٿي ڪري پوندا، پوءِ 3 ڏينهن تائين انهن کي هوش نه ايندو، باقي اڌ ماڻهن جي عقل جواب ڏئي ويندي ۽ اهي چريا ٿي رهجي ويندا.
اڃا ماڻهو ان حالت ۾ هوندا ته زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ بجلي جهڙو زوردار آواز گونجندو، ان سان گڏ ئي دنيا فنا ٿي ويندي. هي اهو وقت آهي جنهن وقت تائين شيطان کي مهلت ڏني وئي هئي، هاڻي الله پاڪ حضرت مَلَڪُ الْمَوْت عَلَیْهِ السَّلَام کي حڪم ڏيندو: اي مَلَڪُ الْمَوْت! مون اڳين پويَن جي ڳڻپ