Book Name:Shan e Ameer e Muawiya
مٹا دے اپنی ہستی کو اگر کچھ مرتبہ چاہے کہ دانہ خاک میں مل کر گلِ گلزار ہوتا ہے
تڪبر جي سبب نيڪيون برباد ٿي وينديون آهن
روايت آهي: بني اسرائيل ۾ 2 شخص هئا، هڪ تمام عبادت گذار هو، ٻيو تمام گنهگار هو. ماڻهو عبادت گذار کي عَابِدُ بَنِیْ اِسْرَائِیْل (يعني بني اسرائيل جو عبادت گذار) چوندا هئا ۽ جيڪو گنهگار هو، ان کي خَلِیْعُ بَنِیْ اِسْرَائِیْل (يعني بني اسرائيل جو آواره و بي حيا شخص) چئي سڏيو ويندو هو. هڪ ڀيرو هي گنهگار ان عبادت گذار جي ويجهو کان گذريو، ڏٺائين ته بادل عبادت گذار جي مٿي تي ڇانوَ ڪري بيٺو آهي. هي منظر ڏسي گنهگار سوچيو: مان انتهائي گنهگار...!! هي ايڏو وڏو عبادت گذار! جيڪڏهن مان انهن وٽ ويهي رهان ته ڪهڙي خبر! ان جي برڪت سان الله پاڪ مون تي رحم فرمائي ڇڏي. هي سوچي اهو گنهگار شخص ان عبادت گذار وٽ ويهي رهيو.
هوڏانهن اهو عبادت گذار (جيڪو شايد شيطاني چالن ۽ باطني بيمارين جو علم نه رکندو هو)، ان منفي سوچيو ۽ دل ئي دل ۾ چيو: ڪٿي مون جهڙو عبادت گذار ۽ ڪٿي هي تمام گهڻو گنهگار! هي مون وٽ ڪيئن ويهي سگهي ٿو...!! هي سوچي ان وڏي حقارت سان ان گنهگار کي پاڻ وٽان اٿاري ڇڏيو. ان تي الله پاڪ ان وقت جي نبي عَلَیْہِ السَّلام تي وحي موڪلي ۽ فرمايو: انهن ٻنهي کي فرمايو ته پنهنجا اعمال نئين سري کان شروع ڪن، مون ان گنهگار کي (ان جي حُسۡنِ ظن يعني سٺي ۽ مثبت سوچ جي سبب) بخشي ڇڏيو ۽ عبادت گذار جا اعمال ضايع ڪري ڇڏيا! هڪ روايت ۾ آهي ته اهو ڪَڪرُ جيڪو عبادت گذار جي مٿي تي ڇانوَ ڪيل هو، ان وقت عبادت گذار کان هٽي گنهگار جي مٿي تي اچي ويو. ([1])
اِلٰہی میں تیری عطا مانگتا ہوں کرم مغفرت کی دُعا مانگتا ہوں
اِلٰہی نہیں چاہئے تختِ شاہی فقط تیری رحمت خُدا! مانگتا ہوں
بچانا بُرے خاتمے سے بچانا میں ایمان پر خاتمہ مانگتا ہوں([2])