Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

حضرت فضيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي پنهنجي شاگرد جي بري خاتمي جو سخت صدمو ٿيو. 40 ڏينهن تائين پنهنجي گهر ۾ ويهي روئيندا رهيا. 40 ڏينهن کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خواب ۾ ڏٺو ته فرشتا ان شاگرد کي جهنم ۾ گِهلي رهيا آهن. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: ڪهڙي سبب سان تنهنجي معرفت کَسجي وئي؟ ان جواب ڏنو: 3 عيبن جي سبب: (1): پهريون چُغلي جي سبب: ڇوته مان پنهنجن ساٿين کي ڪجهه ٻڌائيندو هيس ۽ اوهان کي ڪجهه ٻيو (2): ٻيو حسد جي سبب: مان پنهنجن ساٿين کان حسد ڪندو هيس (3): ٽيون شراب نوشي جي سبب: هڪ بيماري کان شفا حاصل ڪرڻ جي غرض سان طبيب جي مشوري تي هر سال شراب جو هڪ گلاس پيئندو هيس. ([1])

مجھے دیدے ایمان پر اِستقامت                پئے   سیِّدِ   مُحْتَشَم   یاالٰہی

خدایا بُرے خاتِمے سے بچانا                    پڑھوں  کلمہ  جب  نکلے  دم  یاالٰہی

(2): تڪبر

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻي باطني بيماري جنهن جو شيطان شڪار ٿيو ۽ هميشه لاءِ مردود ٿي ويو، اها تڪبر آهي. جي ها! هي تڪبر ئي هو، جنهن جي سبب شيطان حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي سجدو نه ڪيو ۽ مردود ٿي ويو. ([2])

جيئن ته قرآن ڪريم ۾ آهي: جڏهن الله پاڪ ان کان پڇيو ته آخر تو حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي سجدو ڇو نه ڪيو ته هن بدبخت پوري دليري سان چيو:

اَنَا خَیْرٌ مِّنْهُۚ-خَلَقْتَنِیْ مِنْ نَّارٍ وَّ خَلَقْتَهٗ مِنْ طِیْنٍ(۱۲)(سيپارو: 8، الاعراف: 12)       

ترجمو ڪنزُ العرفان: مان ان کان بهتر آهيان. تو مون کي باھ مان بڻايو ۽ ان کي مٽيءَ مان بڻايو.

الله اڪبر! هن بدبخت جي جهالت ڏسو! باهه مٽي کان افضل نه ھوندي آهي پر هي بدبخت جاهل نافرمان هو، ان پاڻ کي حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کان بهتر سمجهيو ۽ ان تڪبر جي سبب مردود ٿي ويو.


 

 



[1]...منہاج العابدین، العقبۃ الخامسہ عقبۃ البواعث، اصول سلوک ...الخ، الاصل الثالث، صفحہ:324۔

[2]...تاریخ دمشق، حرف القاف، ذکر من اسمہ قابیل، جلد:49، صفحہ:40۔