Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

ڪيشن ۾ سرچ جو آپشن به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان آيتون ڳولڻ ۾ سهولت ملي ٿي * موضوعن کي پن پوائنٽ ڪرڻ جو به آپشن ڏنو ويو آهي. اوهان به هي ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري ڇڏيو! پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:

موزن تي مسح جو طريقو

سردي جو موسم آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان جي پياري دين اسان کي آساني ڏني ته موزن تي مسح کي جائز رکيو آهي. اهڙا موزا جن تي مسح ڪرڻ جائز آهي (يعني اهي چمڙي جا هجن يا ڪنهن ٿلهي شيءِ جا جنهن ۾ پاڻي نه وڃي، ڀيڏين کي ڍڪيندا هجن)، صرف وضو جي وقت اهڙا موزا لاهڻ ضروري نه آهي، انهن جي مٿان ئي مسح ڪري سگهجي ٿو، البت غسل لاءِ موزا لاهي پير ڌوئڻا پوندا. موزن تي مسح جو طريقو به ٻڌي وٺو! ساڄو هٿ جون 3 آڱريون ساڄو پير جي پٺ تي رکو ۽ 3 آڱرين برابر ڀيڏي جي طرف ڇڪي وٺو! اهڙي طرح کاٻي هٿ جون 3 آڱريون، کاٻي پير جي پٺ تي رکي 3 آڱرين برابر ڇڪي وٺو! ۽ سنت هي آهي ته آڱريون ڇڪي ڀيڏين تائين آنديون وڃن. مسح لاءِ آڱرين جو آلو هجڻ ضروري آهي. مٿي جو مسح ڪرڻ کان پوءِ هٿن ۾ جيڪا تري رهجي وئي، اها ڪافي نه آهي، موزن تي مسح لاءِ نئين پاڻي سان ٻيهر هٿ آلا ڪرڻا پوندا. ([1]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:366 ملتقطًا، حصہ:2۔