Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپاره:1، سورت بقره جي آيت:34 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيت ڪريمه ۾ انسانن جي ابتدا جي هڪ اهم واقعي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، واقعو گهڻو مشهور آهي: جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي پيدا فرمايو ته کين عِلْمُ الْاَسْماء عطا فرمايو، پوءِ حڪم ٿيو: اي آدم! فرشتن کي سڀني شين جا نالا ٻڌايو! حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام سڀني شين جا نالا ٻڌائي ڇڏيا. جڏهن فرشتن جي سامهون حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جو  علمي شان واضح ٿي چڪو ته ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟

آيت ڪريمه جي مختصر وضاحت

الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اِذْ قُلْنَا (سيپارو: 1، البقرة: 34)

ترجمو ڪنزُالعرفان: جڏهن اسان حڪم ڏنو.

ڪنهن کي چيو؟

لِلْمَلٰٓىٕكَةِ(سيپارو: 1، البقرة: 34)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ملائڪن کي

ڇا چيو؟

اُسْجُدُوْا لِاٰدَمَ(سيپارو: 1، البقرة: 34)

ترجمو ڪنزُ العرفان: آدم کي سجدو ڪريو

علماءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم فرمائن ٿا: هي حڪم سڀني فرشتن کي هو ۽ شيطان جنهن جو ان وقت نالو عَزَازِيل هو، اهو به ڇو ته گهڻو عبادت گذار، نيڪ، پرهيزگار هو، ان پنهنجي اندر فرشتن واريون صفتون پيدا ڪري ورتيون هيون، ان ڪري اهو به فرشتن سان گڏ رهندو هو ۽ اهو حڪم فرشتن سان گڏوگڏ شيطان کي به ڏنو ويو هو. ([1])

هتي هڪ ٻي ڳالهه ذهن نشين رکو ته سجدو 2 قسم جو هوندو آهي: (1): هڪ آهي سجدهءِ عبادت يعني ڪنهن کي عبادت جي لائق سمجهي بطور عبادت سجدو ڪرڻ: هي ته هميشه کان هميشه تائين صرف ۽ صرف الله پاڪ سان ئي خاص آهي (ڪنهن نبي عَلَیْہِ السَّلام جي شريعت ۾ غيرُ الله لاءِ عبادت


 

 



[1]... حاشیۃ صاوی، پارہ:1، سورۃالبقرۃ، زیر آیت:34، جلد:1، جز:1، صفحہ:62 خلاصۃً۔