Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

زنده ٿي ويندا آهن، دلين جا اَنڌا هدايت ماڻي ويندا آهن ۽ سُبْحٰنَ اللہ! دعاءِ مصطفيٰ جي ڇا شان آهي...!! رب ڪريم فرمائي ٿو:

وَصَلِّ عَلَیْهِمْؕ-اِنَّ صَلٰوتَكَ سَكَنٌ لَّهُمْؕ(سيپارو: 11، توبھ: 103)

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ (اي حبيب!) انهن جي حق ۾ دعاءِ خير ڪيو بيشڪ اوهان جي دعا انهن جي دلين جو سڪون آهي.

جنهن جنهن کي دل جو سڪون گهرجي! جيڪو جيڪو پنهنجا بگڙيل ڪم سڌارڻ چاهي ٿو، دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين جو طلبگار آهي، تمام آسان ڪم ڪرڻو آهي...!! درود پاڪ پڙهندا ڪريو! اسان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي درود پاڪ پڙهيو، اسان جو درود بارگاهه رسالت ۾ پهچندو آهي ۽ حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: (جيڪو مون تي درود پڙهندو آهي) صَلَّیْتُ عَلَیْہِ    مان ان لاءِ دعا ڪندو آهيان.

اس جوابِ سلام کے صدقے                 تا قیامت ہوں بے شمار سلام

میری بگڑی بنانے والے پر                  بھیج اے کردگار سلام

اس پناہِ گنہگاراں پر                              یہ   سلام   اور   کروڑ   بار   سلام([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

قَالَ اللہُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو):

وَ اِذْ قُلْنَا لِلْمَلٰٓىٕكَةِ اسْجُدُوْا لِاٰدَمَ فَسَجَدُوْۤا اِلَّاۤ اِبْلِیْسَؕ-اَبٰى وَ اسْتَكْبَرَ ﱪ وَ كَانَ مِنَ الْكٰفِرِیْنَ(۳۴)

(سيپارو: 1، البقرة: 34)

صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم

ترجموڪنزُ العرفان: ۽ ياد ڪريو جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو ته آدم کي سجدو ڪريو ته ابليس جي علاوه سڀني سجدو ڪيو ان انڪار ڪيو ۽ تڪبر ڪيو ۽ ڪافر ٿي ويو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!            صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:170-171 بتقدم وتاخر۔