Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

ڪا حد آهي هن تڪبر جي

روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيرو شيطان حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: اي موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام اوهان ڪليم الله آهيو. اوهان کي الله پاڪ سان ڪلام ڪرڻ جو شرف ملندو آهي، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ سفارش ڪري ڇڏيو ته منهنجي خطا بخشي وڃي. حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام هن مردود جي درخواست قبول ڪري ورتي. جڏهن کين الله پاڪ سان ڪلام جو شرف مليو ته پاڻ شيطان جي درخواست به پيش ڪئي. الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام! شيطان کي چئو ته هو حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام جي قبر کي تعظيمي سجدو ڪري وٺي ته ان جي توبھ قبول ڪئي ويندي. حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام شيطان تائين هي پيغام پهچايو ته ان مردود تڪبر جي نشي ۾ مست ٿي چيو: مان آدم کي ئي سجدو نه ڪيو ته هاڻي سندن قبر کي  سجدو ڪيئن  ٿو ڪري سگهان؟ مون کي هي هرگز قبول نه آهي. ([1])

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪيو! ڪا حد آهي هن بدبخت جي تڪبر جي...!! الله پاڪ اسان کي هن شيطاني بيماري کان محفوظ فرمائي. ڪڏهن به ڪنهن سان به تڪبر نه ڪريو! ڪنهن کي به پاڻ کان گهٽ نه سمجهو! ڇو ته هي باطني بيماري دل کي انڌو ڪري ڇڏيندي آهي.

دل تي مهر لڳڻ جو هڪ سبب

الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

كَذٰلِكَ یَطْبَعُ اللّٰهُ عَلٰى كُلِّ قَلْبِ مُتَكَبِّرٍ جَبَّارٍ(۳۵)(سيپارو: 24، المومن: 35)

ترجموڪنزُ العرفان: الله هر متڪبر سرڪش جي دل تي انهيءَ طرح مهر لڳائي ڇڏيندو آهي.

معلوم ٿيو: تڪبر دل تي مهر لڳڻ جو سبب آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ٻانهو تڪبر کان هميشه بچندو رهي، عاجزي جو پيڪر بڻجي، حديث پاڪ ۾ آهي: فَمَنْ تَوَاضَعَ لِلہِ رَفَعَہُ اللہُ  يعني جيڪو الله پاڪ لاءِ عاجزي ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي. ([2])


 

 



[1]... تفسیر درمنثور، پارہ:1، سورۃالبقرۃ، زیر آیت:34، جلد:1، صفحہ:125۔

[2]...معجم اوسط ، جلد:3، صفحہ:382، حدیث:4894۔