Book Name:Shan e Ameer e Muawiya
ان جي پهرين باطني بيماري آهي: حسد. يعني الله پاڪ جي ورهاست تي راضي نه ٿيڻ، ڪنهن وٽ نعمت ڏسي سڙڻ، ان کان اها نعمت کسجي وڃڻ جي تمنا ڪرڻ. ([1]) شيطان بدبخت کي ان ڳالهه تي حسد هو ته آخر حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي ئي ڇو خليفو بڻايو پيو وڃي. ان جي ان ئي حسد ان کي ٻوڙي وڌو ۽ اهو بدبخت نافرماني ڪري مردود ٿي ويو. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هتان کان اندازو لڳايو! ته حسد ڪيتري خراب بيماري آهي: حديث پاڪ ۾ آهي: حسد نيڪين کي اهڙي طرح کائي ويندو آهي، جيئن باهه سُڪل ڪاٺ کي ساڙي ڇڏيندي آهي. ([3])
اَلْاَمَانُ وَالْحَفٖیْظُ! اسان کي حسد کان بچڻ گهرجي ۽ هن خراب بيماري کان پناهه به گهرڻ گهرجي! الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ حسد ڪرڻ واري کان پناهه گهرڻ جو حڪم ڏنو، ارشاد ٿئي ٿو:
وَ مِنْ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ۠(۵)(سيپارو: 30، الفلق:5)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ حسد واري جي شرَ کان جڏهن اهو حسد ڪري.
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪيو! حسد ڪيترو وڏو فتنو ۽ ڪيترو وڏو شر آهي جو رب ڪائنات حسد ڪرڻ واري کي شيطان سان ملايو ۽ حڪم ڏنو ته انهن سڀني کان پناهه گهرو! ([4])
امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: * حسد بي چيني ۽ بي مقصد غم و فڪر ۾ مبتلا ڪري ٿو * حسد جي ڪري انسان ذلت و محرومي جي لعنت ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي ۽ * حسد جي هڪ وڏي تباهه ڪاري هي آهي ته
[1]... حدیقۃ الندیۃ، الباب الثانی، الخلق الخامس عشر الحسد، المبحث الاول، جلد:3، صفحہ:34 ملتقطًا۔
[2]... احیاء العلوم الدین، کتاب ذم الغضب والحقد والحسد، القول فی ذم الحسد...الخ، جلد:3، صفحہ:242 خلاصۃً۔
[3]... ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب الحسد، صفحہ:683، حدیث:4210 ۔
[4]... منہاج العابدین، صفحہ:163 بتغیر قلیل ۔