Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

جو سجدو ڪرڻ جائز نه هو بلڪه هي هر دور ۾ ئي شرڪ هو ۽ اڃا به آهي) (2): ٻيو آهي سجدهءِ تعظيمي يعني ڪنهن کي مخلوق ۽ الله پاڪ جو ٻانهو سمجهي صرف تعظيم لاءِ سجدو ڪرڻ، (هي پوين شريعتن ۾ جائز هو) اسان جي شريعت ۾ ناجائز و حرام آهي. ([1]) فرشتن کي جيڪو حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي سجدو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، هي به سجدهءِ تعظيمي ئي هو يعني هي فرمايو ويو ته اي فرشتو! ڇو ته حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي خليفو بڻايو ويو آهي ۽ هي توهان تي علم ۾ فضيلت رکن ٿا، تنهنڪري انهن جي تعظيم لاءِ ۽ انهن جي خلافت کي تسليم ڪندي، انهن کي سجدو ڪيو!([2])

اوّل ۽ آخر تعظيمِ نبي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن مقام تي مشهور مفسر قرآن، حڪيم الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڏو ايمان افروز نڪتو بيان ڪيو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: هن جهان ۾ انسان جي ابتدا هئي يعني حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام پهريان انسان ۽ پهريان نبي آهن، فرشتن کان سندن تعظيم ڪرائي وئي، ائين ئي جڏهن ايندڙ جهان ۾ پهچنداسين يعني قيامت قائم ٿيندي ته هن جهان جي ابتدا به  نبي جي تعظيم سان ٿيندي، سڄي مخلوق ميدان محشر جي گرمي کان تنگ ٿي نبين جي خدمت ۾ پهچندي ۽ ڪندي ڪندي سڄي مخلوق بارگاهه رسالت ۾ حاضر ٿي شفاعت جو سوال ڪندي، هي سڀ به نبي جي تعظيم لاءِ هوندو، هتان کان اسان کي هي ڳالهه سکڻ جي لاءِ ملي ٿي ته انساني تاريخ جي ابتداء به  نبي جي تعظيم سان آهي ۽ انتهاء به  نبي جي تعظيم سان آهي، ان مان اسان کي خبر پوي ٿي ته نبي جي تعظيم انتهائي اهم فريضو آهي ۽ جيڪو هن تعظيم کان منهن موڙي ٿو، اهو رحمت کان محروم، مردود ۽ ڌڪاريل ٿي ويندو آهي. ([3])

باادب ہے بانصیب اے اَہْلِ دِیں          بےاَدب      سے      بدنصیبی      ہے      قریں(نزدیک)([4])


 

 



[1]... فتاویٰ رضویہ، جلد:22 صفحہ:413 ۔

[2]... تفسیرِ روح البیان، پارہ:1، سورۃالبقرۃ، زیر آیت:34، جلد:1، صفحہ:106 خلاصۃً۔

[3]... تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۃالبقرۃ، زیر آیت:34، جلد:1، صفحہ:288 خلاصۃً۔

[4]... وسائلِ بخشش، صفحہ:241۔