Book Name:Shan e Ameer e Muawiya
حسد دل کي انڌو ڪري ڇڏيندو آهي، ايتري تائين جو الله پاڪ جا احڪام ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي آهي. ([1])
شيطان جي انجام کان عبرت حاصل ڪريو
حضرت علامه عبدُ الوهاب شعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ته جنهن کي الله پاڪ توتي فضيلت ڏني آهي ان کان حسد ڪرڻ کان پرهيز ڪر! نه ته توکي الله پاڪ اهڙي طرح مسخ ڪري ڇڏيندو (يعني تنهنجي فطرت کي ائين بگاڙيو ويندو) جيئن ان ابليس کي فرشتن واري صورت کان شيطاني صورت ۾ مسخ (تبديل) ڪري ڇڏيو. ([2])
ايمان جي دولت کسجي وڃڻ جو خطرو
الله پاڪ جي پياري حبيب، طبيبن جي طبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: اوهان ۾ پوين امتن جي بيماري حسد ۽ بغض سرائيت ڪري وئي آهي، هي ڪَٽي ڇڏڻ واري آهي، مان هي نه ٿو چوان ته وارَ ڪَٽيندي آهي پر هي دين کي ڪَٽي ڇڏيندي آهي. ([3])
مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: اهڙي طرح جو دين و ايمان کي پاڙان ختم ڪري ڇڏيندي آهي ڪڏهن انسان بغض و حسد ۾ اسلام ئي ڇڏي ڏيندو آهي، شيطان به انهن 2 بيمارين جو ماريل آهي. ([4])
حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي هڪ شاگرد جي سڪرات جي وقت تشريف کڻي آيا ۽ ان وٽ ويهي سورت ياسين شريف پڙهڻ لڳا. ته ان شاگرد چيو: سورت ياسين پڙهڻ بند ڪريو. پوءِ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان کي ڪلمي شريف جي تلقين فرمائي. هن چيو: مان هرگز هي ڪلمو نه پڙهندس مان ان کان بيزار آهيان. بس انهن ئي لفظن تي ان جو موت واقع ٿي ويو.