Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

جب سجدہ کا حکم ہوا، سب نے کِیا اس نے نہ کیا          اور متکبر نے یہ بکا، یہ مٹی میں انگارا

لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ

اس کو آب و گِل سوجھا، منکر ہو کر شیطان بنا   جن کے سبب وہ حکم ہوا، اس نے وہ نُور نہیں دیکھا

لَا   اِلٰہَ   اِلَّا   اللہ   اٰمَنَّا   بِرَسُوْلِ   اللہ([1])

وضاحت: الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي بلند مقام عطا فرمايو، حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ سندن اولاد کي اشرف المخلوقات (يعني ساري مخلوق ۾ وڌيڪ عزت وارو) بڻايو، کين پنهنجو خليفو ڪيو، هي سموريون عنايتون ان نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي هيون، جيڪو الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام جي پيشاني ۾ رکيو هو، انهيءَ نور جي برڪت هئي جو حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي سڀني فرشتن سجدو ڪيو، فرشتن جي ان پاڪ جماعت ۾ شيطان به هو، ان کي پنهنجي عبادت تي غرور هو، جڏهن حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي سجدي جو حڪم ٿيو ته سڀني فرشتن سجدو ڪيو، شيطان نه ڪيو، ان بدبخت تڪبر ڪيو، چيائين: مان باهه مان ٺهيل آهيان، آدم کي مٽي مان بڻايو ويو آهي. هي بدبخت شيطان عقل جو انڌو هو، ان کي هي ته نظر آيو ته حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام جو پاڪ جسم مٽيءَ مان بڻايو ويو آهي پر هي ڏسڻ ۾ نه آيو ته  سندن پيشاني ۾ نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روشن آهي. الله پاڪ اسان کي غرور و تڪبر کان محفوظ فرمائي، هميشه نيڪ ماڻهن جو، نبين، ولين جو باادب رکي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

شيطان ۽ ان جون باطني بيماريون

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي هڪ تمام بنيادي سوال آهي، جيڪو شايد اسان جي ذهنن ۾ به اڀرندو هوندو ته شيطان آخر ڇو مردود ٿي ويو، ڇو نافرماني ۾ پئجي ويو؟ ان جو جواب هي آهي ته ان کي ان جي نفس ڌوکي ۾ وڌو، هي بدبخت 3 باطني بيمارين جو شڪار هو.


 

 



[1]... سامان بخشش، صفحہ:44-45۔