Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

برابر تنهنجا مددگار بڻايا، تو ۾ تمام اهل زمين ۽ اهل آسمان جي طاقت رکي وئي، اڄ توکي غضب جو لباس پهرائي رهيو آهيان، اڄ منهنجي غضب سان گڏ شيطان وٽ پهچو ۽ کيس موت جو مزو چکايو  ۽ اڄ تائين جيترن جنن ۽ انسانن تي موت جون تڪليفون طاري ٿيون آهن، انهن سڀني تڪليفن جي مجموعي کان به ڪيترا ئي گنا وڌيڪ تڪليف هن مردود تي طاري ڪري ڇڏيو.

ان سان گڏ ئي داروغه جهنم کي جهنم جا دروازا کولڻ جو حڪم ٿيندو، پوءِ حضرت مَلَڪُ الْمَوْت عَلَیْهِ السَّلَام  اهڙي خوفناڪ شڪل سان شيطان وٽ ايندا ته جيڪڏهن سندن شڪل و صورت کي زمين و آسمان وارا ڏسي وٺن ته برف جيان ڳري وڃن. حضرت مَلَڪُ الْمَوْت عَلَیْهِ السَّلَام  شيطان کي ڇڙٻ ڏيندا، سندن ڇڙٻ جو آواز اهڙو گرجدارهوندو جو جيڪڏهن اوڀر ۽ اولھ وارا ان کي ٻڌي وٺن ته سندن عقل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي. هي خوفناڪ منظر ڏسي شيطان ڀڄندو، حضرت مَلَڪُ الْمَوْت عَلَیْهِ السَّلَام  فرمائيندا: اي خبيث! بيهي رهه! تو اڄ تائين جيترا ماڻهو گمراهه ڪري جهنم تائين پهچايا آهن، اڄ توکي انهن سڀني جي تڪليف برابر تڪليف ۾ مبتلا ڪيو ويندو. تو ڪيتري ڊگهي زندگي ماڻي، ڪيترن کي گمراهه ڪيو، ڪيترن کي جهنم ۾ پهچايو، اهي سڀ جهنم ۾ تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهن، تنهنجي مهلت ختم ٿي، هاڻي ڀڄ! ڪيستائين ڀڄندين.

ان وقت شيطان مردود کي ڀڄڻ جي ڪابه جاءِ نه ملي رهي هوندي، هي چرين وانگر ڪڏهن مشرق جي طرف ويندو، ڪڏهن مغرب جي طرف ويندو، ڪڏهن سمنڊ ۾ غوطو لڳائيندو پر جتي به پهچندو، حضرت مَلَڪُ الْمَوْت عَلَیْهِ السَّلَام  ان کي سامهون ئي ملندا. اهڙي طرح ڀڄندي ڊوڙندي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام  جي مزار تي پهچندو ۽ چوندو: اي آدم! توهان جي ڪري ئي مان مردود ٿيس، ڪاش! ڪاش! تون پيدا ئي نه ٿين ها.

الله جي پناهه! ڪيترو خبيث آهي! اهڙي حالت ۾ به پنهنجي گناهه جو الزام ٻين تي وجهي رهيو هوندو. خير! هاڻي هي ڀڄندو ڊوڙندو ان جاءِ تي ايندو، جتي پهريون ڀيرو مردود ٿي زمين تي لٿو هو، هتي زمين باهه جيان