Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

الله پاڪ جي اطاعت ڪرڻ جو ثواب پنهنجي جاءِ تي، ان اطاعت ۾ شوق ڏيکارڻ، جلدي ڪرڻ جون پنهنجون ئي برڪتون آهن. منقول آهي: هڪ ڀيرو حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللهُ عَنْہُ غسل خاني ۾ هئا ته پنهنجا ڪپڙا صدقو ڪرڻ جو خيال آيو فوراً (پردي جو اهتمام ڪري) ٻاهر تشريف وٺي آيا ۽ ڪپڙا صدقو ڪري ڇڏيائون، پوءِ واپس اندر هليا ويا. جڏهن فارغ ٿي تشريف کڻي آيا ته ڪنهن عرض ڪيو: ڪپڙا خيرات ڪرڻ جي ايتري جلدي ڇو ڪئي؟ فرمايائون: مون کي خوف ٿيو ته شيطان منهنجي ارادي کي تبديل نه ڪري ڇڏي. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! اسان کي به اطاعت ۾ جلدي ڪرڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

الله پاڪ وڌيڪ فرمائي ٿو:

اِلَّاۤ اِبْلِیْسَؕ-اَبٰى وَ اسْتَكْبَرَ ﱪ وَ كَانَ مِنَ الْكٰفِرِیْنَ(۳۴)(سيپارو: 1، البقرة: 34)

ترجمو ڪنزُ العرفان: پر ابليس جي علاوه سڀني سجدو ڪيو ان انڪار ڪيو ۽ تڪبر ڪيو ۽ ڪافر ٿي ويو.

يعني سڀني فرشتن حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي سجدو ڪيو پر هڪ بدبخت هو، جيڪو فرشتو نه بلڪه جِن هو، فرشتن سان گڏ رهندو هو، ڪير؟ ابليس...!! ان انڪار ڪيو، حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام جي مقابلي ۾ تڪبر ڪيو ۽ ڪافرن مان ٿي ويو.

نبيءَ جي توهين جو وبال

حضرت ڪَعْبُ الْاَحْبَار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو بيان آهي ته * ابليس 40 هزار سال تائين جنت جو خزانچي رهيو * 80 هزار سال تائين فرشتن جو ساٿي رهيو* 20 هزار سال تائين فرشتن کي واعظ ٻڌائيندو رهيو * 30 هزار سال تائين مُقَرَّبِين جو سردار رهيو * هڪ هزار سال تائين رُوحَانِيِّیْن جي سرداري


 

 



[1]...الزواجر، کتاب الزکاۃ، الکبیرۃ السابعۃ والثامنۃ والعشرون بعد المائۃ، ترک الزکاۃ...الخ، جلد:1، صفحہ:336۔