Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

بيان جو خلاصو

ڪلام جو خلاصو هي آهي ته شيطان بدبخت مردود ٿيڻ کان پهريان تمام وڏو  عبادت گذار هو پر هي بدبخت 3 باطني بيمارين جو شڪار هو: (1): حسد (2): تڪبر (3): سرڪشي. انهن ئي 3 باطني بيمارين جي سبب هن بدبخت نافرماني ڪئي، الله پاڪ جي نبي حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام جي توهين ڪري ڪفر ۾ مبتلا ٿيو ۽ انهن ئي 3 باطني بيمارين جي سبب هي بدانجام قرب جي منزل کان تڙيو ويو. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته انهن ٽنهي باطني بيمارين کان هميشه بچندا رهون * اسان ڪنهن سان حسد نه ڪيون، الله پاڪ جنهن کي جيڪا نعمت، جيڪو مقام و مرتبو عطا ڪيو آهي، ان کان سڙڻو نه آهي، هميشه الله پاڪ جي ورهاست تي راضي رهڻو آهي * ڪنهن کي به گهٽ نه سمجهڻ، پاڻ کي سٺو خيال نه ڪرڻ بلڪه هميشه عاجزي جو پيڪر بڻجي رهڻو آهي ۽ * هرگز هرگز سرڪشي ناهي ڪرڻي، الله و رسول جي مقابلي ۾ ڪڏهن به بغاوت تي ناهي لهڻو، جيڪو ڪجهه الله و رسول فرمايو، اسان لاءِ حرف آخر آهي. اها ڳالهه اسان جي ننڍڙي عقل ۾ اچي يا نه اچي، اسان کي ان تي سر جهڪائڻو ۽ ان تي عمل ئي ڪرڻو آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي ۽ شيطاني اوصاف کان پري رهڻ نصيب ڪري. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!               صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مَعْرِفَۃُ الْقُرْآن موبائل ايپلي ڪيشن جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن بنام مَعْرِفَۃُ الْقُرْآن جاري ڪئي آهي. اوهان هن ايپلي ڪيشن ذريعي * قرآن پاڪ جو لفظي ۽ بامحاوره ترجمو پڙهي سگهو ٿا * هن ايپلي ڪيشن ۾ آيتن جا عنوان به ڏنا ويا آهن، جنهن جي مدد سان پنهنجي موضوع مطابق قرآني آيتون ڏسي ۽ ڳولي سگهجن ٿيون. خصوصاً مبلغ اسلامي ڀائر هن آپشن مام تمام گهڻي مدد وٺي سگهن ٿا * ايپلي