Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

طبيعت پيدا ٿي رهي آهي، هڪ اهو وقت هو ته الله ۽ رسول جي فرمان کي حرف آخر سمجهيو ويندو هو پر هاڻي مسلمانن ۾ اهڙا به پيدا ٿي ويا آهن جيڪي الله ۽ رسول جي فرمان تي سوال اٿارين ٿا * اسلام نماز جو حڪم ڇو ڏنو آهي؟ * وياج کي حرام ڇو ڪيو ويو آهي؟ * روزي سان ڇا ٿيندو آهي؟ * زڪوات ۽ ٽيڪس ۾ ڇا فرق آهي؟ * عورت کي وراثت ۾ اڌ حصو ڇو ملي ٿو؟ * پردي جو حڪم ڇو ڏنو ويو آهي؟ * بلڪه ڪيتري افسوس جي ڳالهه آهي ته هاڻي هڪ مسلمان معاشري ۾ منهنجو جسم منهنجي مرضي جو نعرو تائين لڳايو ويندو آهي.

هي ڪهڙي سرڪشي آهي. ڪيڏي وڏي جرئت آهي. الله ۽ رسول جي فرمان تي سوال اٿارڻ، قرآن و حديث جي احڪامن کي پنهنجي ناقص عقل سان تورڻ ڪٿان جي مسلماني آهي...!! مسلمان جي ته معنيٰ ئي مٿو جهڪائڻ وارو آهي. جيڪو الله و رسول جي فرمان تي به سر نه جهڪائي، پوءِ اهو ڪٿي سر جهڪائيندو...؟ ڇا معاذ الله! شيطان جي پويان هلندا...؟ سرڪشي شيطان جو ئي وصف آهي ۽ جيڪو سرڪشي ڪندو آهي، اهو ان جي برادري مان آهي. اسان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مسلمان آهيون، شيطان اسان جو دشمن آهي، اسان کي هرگز اهو نٿو جڳائي ته ان جهڙو وصف اپنائيون. ان ڪري اسان کي هر لمحي، هر وقت، هر حال ۾ الله ۽ رسول جي فرمان تي سر جهڪائڻو آهي، ڀلي اهو فرمان اسان جي عقل ۾ اچي يا نه اچي اسان کي لبيڪ ئي چوڻو آهي. سيد المبلغين، رحمة للعالمين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جيڪو دنيا ۾ سرڪشي ڪندو الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي ذليل ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪو دنيا ۾ عاجزي اختيار ڪندو الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان جي طرف هڪ فرشتو موڪليندو جيڪو ان کي چوندو: اي نيڪ ٻانها! الله پاڪ فرمائي ٿو ته منهنجي قرب ۾ اچي وڃ جو تون انهن ماڻهن مان آهين جن تي اَڄ نه ڪو خوف آهي ۽ نه ڪو غم. ([1]) الله پاڪ اسان کي انهن سمورين باطني بيمارين کان محفوظ فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...تاریخ دمشق، رقم:6849، محمد بن عمر بن محمد بن سلام، جلد:54، صفحہ:431۔