Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

خير! الله پاڪ فرشتن کي سجدو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ڇا ٿيو؟ ارشاد ٿئي ٿو:

فَسَجَدُوْۤا(سيپارو: 1، البقرة: 34)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ته انهن سڀني سجدو ڪيو.

علماءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم فرمائن ٿا: جڏهن حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي پيدا ڪيو ويو ته سندن پيشاني مبارڪ ۾ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ نور چمڪي رهيو هو، ان نور جي صدقي حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام کي عزت بخشي وئي ۽ فرشتن کي ان نور جي تعظيم لاءِ سجدي جو حڪم ڏنو ويو يعني حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام قبلو هئا ۽ اصل تعظيم نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مقصود هئي. ([1])

فرشتوں نے کیا آدم کو سجدہ                    یہ تھی تعظیم نورِ مصطفےٰ کی([2])

خير! سڀني فرشتن الله پاڪ جو حڪم مڃيو ۽ حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلام جي سامهون سجدي ۾ ڪِري پيا.

اطاعت ۾ جلدي جو انعام

روايتن موجب ان وقت سڀ کان پهرين حضرت اسرافيل عَلَیْہِ السَّلام سجدو ڪيو، پاڻ ڇو ته اطاعت ۾ جلدي ڪئي، تنهنڪري کين ان جو هي انعام ڏنو ويو ته سندن پيشاني مبارڪ تي پورو قرآن لکيو ويو. ([3])

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ان ۾ اسان لاءِ سبق آهي ته اسان کي به اطاعت ۾ جلدي ڪرڻ گهرجي! هي ذهن ۾ رکو! جلدبازي نقصانڪار آهي، حديث پاڪ ۾ ان کي شيطاني ڪم قرار ڏنو ويو آهي. ([4]) پر نيڪي جي ڪم ۾ ڪڏهن دير نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان جي دل ۾ نيڪي جو خيال اچي ويو آهي ته هاڻي دير نه ڪريو، جلد کان جلد نيڪي ڪري وٺو ته


 

 



[1]... تفسیر کبیر، پارہ:3، سورۃالبقرۃ، زیر آیت:253، جلد:2، صفحہ:525۔

[2]... قبالہ بخشش، صفحہ:279۔

[3]... تفسیر درمنثور، پارہ:1، سورۃالبقرۃ، زیر آیت:34، جلد:1، صفحہ:123۔

[4]... مسند اسحاق بن راہویہ، صفحہ:195،حدیث:487۔