Shan e Ameer e Muawiya

Book Name:Shan e Ameer e Muawiya

(3): سرڪشي ۽ باغي طبيعت

پيارا اسلامي ڀائرو! ٽئين باطني بيماري جيڪا شيطان جي هلاڪت جو سبب بڻي، اها آهي: تَمَرُّدْ يعني سرڪشي. هي بدبخت عبادت گذار ته هو پر ان جي اندر سرڪشي جو جذبو موجود هو، ان جي طبيعت باغيانه هئي، ان جي ان ئي باطني بيماري ان کي رسوا ڪيو، ان جي سبب ان الله پاڪ جي حضور زبان درازي جي جرئت ڪئي ۽ پنهنجي بلند ترين مقام کان ڪِري مردود ٿي ويو.

شيطان جي سرڪشي جو پهريون اظهار

روايتن ۾ آهي جڏهن رب ڪائنات پنهنجي دست قدرت سان حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  جو جسد خاڪي (يعني مٽي جو جسم مبارڪ) بڻايو، اڃا ان ۾ روح نه وِڌو هو، هڪ عرصي تائين هي جسم مبارڪ ائين ئي رهيو، فرشتن اهڙي صورت ڪڏهن نه ڏٺي هئي، فرشتا تعجب سان  خاڪي جسم  جي آس پاس ويندا، ان کي ڏسندا ۽ ان جي خوبصورتي کان حيران ٿيندا هئا، ابليس (يعني شيطان) جيڪو ان وقت فرشتن سان گڏ رهندو هو، اهو به هڪ ڏينهن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  جي جسم کي ڏسڻ آيو ۽ ان جي چوڌاري چڪر لڳائي چيائين: اي فرشتو! (هي آهي اهو جنهن کي الله پاڪ زمين تي پنهنجو خليفو بڻايو آهي)، توهان ان کان تعجب ڪيو ٿا؟ هي ته اندر کان هڪ خالي جسم آهي، هن ۾ ته سوراخ آهن، هن خالي جسم سان ڪجهه نه ٿي سگهندو. پوءِ هن بدبخت چيو ته جيڪڏهن ان کي خليفو بڻايو ويو ته مان هرگز ان جي خلافت کي تسليم نه ڪندس. ([1])

هي آهي شيطان جي لڪيل سرڪشي...!! هي مردود باغي طبيعت رکندو هو، ان ڪري اسان کي گهرجي ته ان باطني بيماري کان به پاڻ کي بچايون...!! بدقسمتي سان اڄڪلهه سوشل ميڊيا جو استعمال وڌي رهيو آهي، مغربي سوچ ۽ فڪر تيزي سان اسان جي معاشري ۾ پکڙجندي پئي وڃي، جنهن جي سبب اسان جي معاشري ۾ ۽ خاص طور تي نوجوان نسل ۾ باغي


 

 



[1]... تاریخ طبری، تاریخ ما قبل الہجرۃ، القول فی خلق آدم علیہ ، جلد:1،صفحہ:64 خلاصۃً۔