Book Name:Shan e Ameer e Muawiya
ٻري رهي هوندي، جهنمين کي هڪلڻ وارا فرشتا کيس گهيري وٺندا ۽ ان کي ڪنڊيدار زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو، هاڻي جيستائين الله پاڪ چاهيندو هي نزع جي درد ۽ تڪليف ۾ مبتلا رهندو، پوءِ حضرت آدم ۽ حوا عَلَیْهِما السَّلَام کي اٿاري چيو ويندو: اي آدم! اي حوا! هي آهي توهان جو دشمن...!! ڏسي وٺو ڪيئن عذاب ۾ گرفتار آهي، جڏهن اهي ان بدبخت مردود کي حالت نزع ۾ تڙپندي، تڪليف جي سبب لُڇندي ڏسندا ته چوندا: رَبَّنَا قَدْ اَتْمَمْتَ عَلَیْنَا النِّعْمَۃَ اي اسان جا رب! (اسان جي دشمن کي اهڙي سزا ڏئي) تو اسان تي پنهنجي نعمت تمام ڪري ڇڏي. آخر شيطان مردود تڙپي تڙپي موت جي منهن ۾ هليو ويندو. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! شيطان مردود جي ڪيئن مٽي پليد ٿيندي، ڪيئن هولناڪ سزائن ۾ مبتلا ٿيندو، هي ته اڃا صرف نزع جي ڪيفيت جو بيان آهي، قيامت جي ڏينهن جهنم ۾ ان مردود کي جيڪا سزا ملندي، ان جو بيان ڪير ڪري سگهي ٿو...؟؟ ڄاڻو ٿا هن مردود کي هي سزا ڇو ملندي؟ ان جو اهڙو خوفناڪ انجام ڇو ٿيندو؟ ان ڪري جو هن بدبخت الله پاڪ جي نبي حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي گستاخي ڪئي، نبي جي مقابلي ۾ تڪبر ڪيو، الله پاڪ جو نافرمان ٿيو، الله پاڪ جي حڪم جي سامهون هن مردود پنهنجي عقل ڊوڙائي، جنهن جي سبب ذلت ۽ رسوائي ان جو مقدر ٿي وئي.
آدم کو شرف ایسا مِلا، آدمی اَشْرفِ خلق ہوا ان کو خلیفہ حق نے کیا، تاجِ کرامت سر پہ رکھا
لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ
واسطہ یہ اس نُور کا تھا، حضرتِ انساں قبلہ بنا سارے فرشتوں نے سجدہ، پیشِ صفی اللہ کیا
لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ
پاک گروہِ مُقَدَّس کا، ایک علّامہ مُعَلِّم تھا قومِ جنّ سے تھا پیدا، تھا اسے غَرَّہ عِبَادت کا
لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ