Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

رنگ پيلو پئجي رهيو هوندو. البت اهو الله پاڪ جي رحمت تي اميد رکي، شرم سان پنهنجون خطائون پڙهندو ويندو، پڙهندو ويندو، جڏهن خطائن جو ذڪر ختم ٿيندو ته گڏ ئي هيٺ لکيل هوندو: هَذِهٖ سَيِّئَاتُكَ ‌قَدْ ‌غُفِرَتْ لَكَ يعني هي اوهان جون خطائون آهن، هي سڀ خطائون بخشيون ويون، هي بخشش جي خوشخبري پڙهي ان نيڪ شخص جو چهرو خوشيءَ سان چمڪي اٿندو، هاڻي هو خوشيءَ سان پنهنجي اعمال نامي کي ورائيندو ته ٻئي طرف ان جون نيڪيون ئي نيڪيون لکيل هونديون، هو خوشيءَ سان پنهنجون نيڪيون پڙهڻ شروع ڪندو، پڙهندو ويندو، پڙهندو ويندو، ايستائين جو جڏهن سڀ نيڪيون پڙهي ويندو ته آخر ۾ لکيل هوندو: هَذِهٖ ‌حَسَنَاتُكَ، وَقَدْ ‌ضُوْعِفَتْ لَكَ يعني هي اوهان جون نيڪيون آهن، اوهان لاءِ انهن کي ڪيترائي ڀيرا وڌايو ويو آهي. هاڻي ته ان جي خوشيءَ جي ڪا انتها نه رهندي، ان جو چهرو چمڪڻ لڳندو، هاڻي ان جي مٿي تي تاج رکيو ويندو، ان کي جنتي لباس پهرايو ويندو، ان سان گڏ ئي ان جو قد وڌي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي قد جي برابر يعني 60 گز ٿي ويندو. هاڻي ان نيڪ شخص کي چيو ويندو: وڃو! ۽ دنيا ۾ جيڪي ماڻهو اوهان جي پيروي ڪندا هئا، انهن کي پنهنجي حساب کان ٻڌايو! ۽ انهن سڀني کي اها خوشخبري به ٻڌايو ته انهن سڀني لاءِ اهو ئي انعام آهي جيڪو اوهان کي ڏنو ويو آهي. هاڻي اهو شخص جلدي پنهنجن پيروڪارن وٽ ايندو ۽ خوشيءَ سان جهومندو، سڏي چوندو:

 

هَآؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِیَهْۚ(۱۹) اِنِّیْ ظَنَنْتُ اَنِّیْ مُلٰقٍ حِسَابِیَهْۚ(۲۰) (سيپارو: 29، الحاقه: 19،20)      

ترجمو ڪنزُ العرفان: وٺو منهنجو اعمالنامو پڙهو بيشڪ مونکي يقين هو ته مان پنهنجي حساب سان ملڻ وارو آهيان.