Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

جهنم ۾ اڇلائي وڃڻ جو اعلان ڪيو ويندو...!! هن خوف جي ڪيفيت ۾ جڏهن ڪنهن کي ائين جنت جي خوشخبري ٻڌائي ويندي، خوشيءَ وچان ان جي ڇا ڪيفيت هوندي...!! ان جي دل خوشيءَ وچان جهومي رهي هوندي، چهرو چمڪي رهيو هوندو ۽ هو جذباتي ٿي ميدان محشر ۾ هي اعلان ڪري رهيو هوندو:

هَآؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِیَهْۚ(۱۹) اِنِّیْ ظَنَنْتُ اَنِّیْ مُلٰقٍ حِسَابِیَهْۚ(۲۰) (سيپارو: 29، الحاقه: 19،20)     

ترجمو ڪنزُ العرفان: وٺو منهنجو اعمالنامو پڙهو بيشڪ مونکي يقين هو ته مان پنهنجي حساب سان ملڻ وارو آهيان.

   ڪاش! اهڙو خوش نصيب نه ته گهٽ ۾ گهٽ اسان اهڙي خوش نصيب جي پيروي ڪرڻ وارن ۾ ئي شمار ٿي وڃون ڇو ته جيڪو دنيا ۾ اهڙي خوش نصيب جو پيروڪار هوندو، قيامت جي ڏينهن ان کي به اهڙي طرح جنت جي خوشخبري ٻڌائي ويندي ۽ سڀني کي چيو ويندو:([1])

كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا هَنِیْٓــٴًـۢا بِمَاۤ اَسْلَفْتُمْ فِی الْاَیَّامِ الْخَالِیَةِ(۲۴)   (سيپارو: 29، الحاقه: 24)       

ترجمو ڪنزُ العرفان: گذريل ڏينهن ۾ جيڪو توهان اڳيان موڪليو ان جي بدلي مزي سان کائو ۽ پيئو.

  الله پاڪ! اسان تي رحم فرمائي، ڪاش! ڪاش! سو ڪروڙ ڪاش! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت سان، صحابهءِ ڪرام، اهل بيت پاڪ ۽ تمام اولياءِ ڪرام جي صدقي اسان تي ڪرم ٿي وڃي ۽ اسان بنا حساب ئي جنت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1]... تفسیرِ قرطبی، پارہ:29، سورۂ الحاقۃ، زیرِ آیت:24، جلد:9، جز:18، صفحہ:172۔