Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

الله پاڪ جو شڪرگذار ٻانهو نه بڻجان...؟([1])

   هي ڪيترو پيارو انداز آهي، ڪيتري بي مثال ۽ باڪمال سوچ آهي. هي مڃي ورتو ته روزا صرف رمضان ڪريم جا فرض آهن، نمازون ڏينهن ۾ پنج ئي فرض آهن پر ڇا اسان کي پنهنجي رب جو شڪرگذار ٻانهو نه بڻجڻ گهرجي...؟ بلڪل بڻجڻ گهرجي، ان ڪري جيترو ٿي سگهي نفل عبادتن جي به عادت بڻائي وٺڻ گهرجي.

قربِ اِلٰهي حاصل ڪرڻ جو طريقو

   بخاري شريف ۾ حديثِ قدسي آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: ٻانهو نفل عبادت ذريعي منهنجو قرب حاصل ڪندو رهندو آهي، ڪندو رهندو آهي ايستائين جو مان ان کي پنهنجو محبوب بڻائي وٺندو آهيان، ۞ جڏهن مان ان کي پنهنجو محبوب بڻائي وٺندو آهيان ته ان جا ڪنَ بڻجي ويندو آهيان، جن سان اهو ٻڌندو آهي ۞ ان جون اکيون بڻجي ويندو آهيان جن سان اهو ڏسندو آهي ۞ ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان، جن سان اهو پڪڙيندو آهي      ۞ ان جا پير بڻجي ويندو آهيان، جن سان اهو هلندو آهي، (پوءِ ان ٻانهي جو هي مقام ٿي ويندو آهي ته) ۞ جيڪڏهن هو مون کان سوال ڪري ته مان ان کي عطا ڪندو آهيان ۞ جيڪڏهن هو مون کان پناهه چاهي ته مان ان کي پناهه ڏيندو آهيان.([2])

هن حديثِ پاڪ جي هڪ تشريح اها آهي ته جڏهن ٻانهو نوافل جي ذريعي الله پاڪ جو قرب حاصل ڪري وٺندو آهي، الله پاڪ جو پيارو ٻانهو بڻجي ويندو آهي ته ان تي الله پاڪ جون خاص عنايتون ٿينديون آهن، جنهن جي برڪت سان ٻانهي جا هٿ، پير، اکيون وغيره گناهن کان


 

 



[1]...مسلم، کتاب صفۃ القیامۃ والجنہ والنار، باب اکثار الاعمال...الخ، صفحہ: 1085، حدیث:2820۔

[2]... بخاری، کتاب الرقاق، باب التواضع، صفحہ:1597، حدیث:6502۔