Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail
ڪمي کي پورو ڪيو ويندو. اهڙي طرح تمام اعمالن جو حساب ورتو ويندو.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان گنهگار ٻانها آهيون، ڪميون ڪوتاهيون ڪنهن کان ناهن ٿينديون...!! اسان جي ته حالت اها آهي ته سر سجدي ۾ رکي، زبان سان سُبْحٰنَ رَبِّیَ الْاَعْلٰی پڙهندي به دنيا جي نه ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن خيالن ۾ غرق ٿيل هوندا آهيون، اسان ناقص ماڻهو آهيون، اسان کان ڪميون رهجي ئي وينديون آهن. الله نه ڪري! قيامت جي ڏينهن انهن ڪمين، ڪوتاهين تي پڪڙ ٿي وئي ۽ انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان وٽ نفل عبادتون به نه هونديون غور فرمايو! اسان ڇا ڪنداسين؟ اتي... ميدان محشر ۾ ڪهڙي طرح انهن ڪمين کي پورو ڪري سگهنداسين؟ ان ڪري اڄ موقعو آهي، وقت کي غنيمت ڄاڻيو ۽ فرائض سان گڏ نفل عبادت جو به ذهن بڻائي وٺون.
هاڻي ته الحمد لله! رجب شريف جو مهينو اچي رهيو آهي. صوفياءِ ڪرام فرمائن ٿا: رجب شريف نيڪين جو ٻج پوکڻ جو مهينو آهي.[2] تنهنڪري اسان ٻج پوکڻ يعني نيڪ اعمالن جي ڪثرت ڪرڻ هاڻي کان شروع ڪري ڇڏيون. جيترا ٿي سگهن نفل روزا رکون، نفل نمازون پڙهون، قرآن ڪريم جي خوب تلاوت ڪريون، خوب ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهون ۽ ڪاش! استقامت سان وڌ کان وڌ نيڪيون ڪندي رمضان ڪريم تائين پهچي وڃون.