Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail
جا پيٽ بک سبب پٺن سان لڳي ويا هئا، پوءِ ان سڀ مشقت (يعني روزن جي گهڻائي) جي عيوض اڄ اوهان نعمتن ۾ آهيو، خوب کائو! خوب پيئو! اوهان جي انهن گذريل ڏينهن جو بدلو.([1])
مان قيامت جي ڏينهن جو سامان ڪري رهيو آهيان
امام بيهقي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ دفعو صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا مدينه جي اطراف ڏانهن تشريف وٺي ويا. پاڻ سان گڏ ڪجهه ماڻهو به هئا. هڪ هنڌ وڃي پاڻ قيام فرمايائون (يعني ترسي پيا). دسترخوان وڇايو ويو. انهيءَ دوران اتان هڪ رڍار گذريو، جيڪو پنهنجون ٻڪريون چاري رهيو هو. هن صحابيءِ رسول رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي خدمت ۾ سلام عرض ڪيو. حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا (سلام جو جواب ڏنو ۽ حسن اخلاق جو مظاهرو ڪندي) فرمايو: اوهان به اچو! اسان سان گڏ کاڌو کائو! رڍار چيو: مان روزي سان آهيان.
هي رمضان جو مهينو ته نه هو ۽ عرب جي سخت ترين گرمي هئي. تنهنڪري حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ حيرت سان پڇيو: هي جابلو علائقو...!! ايتري سخت گرمي جا ڏينهن...!! گرم هوا هلي رهي آهي، تون رڍون چاري رهيو آهين، ڇا هن حالت ۾ تو نفل روزو رکيو آهي؟ ان تي رڍار تمام پيارو جواب ڏنو، چيائين: ”اِنِّی وَاللہِ اُبَادِرُ اَیَّامِی الْخَالِیَۃِ الله پاڪ جو قَسم! مان پنهنجن گذريل ڏينهن کي ٿڌو ڪري رهيو آهيان (يعني مان نفل روزو رکي پنهنجي گناهن جي معافي ۽ جنت ۾ داخل ٿيڻ جو سامان ڪري رهيو آهيان). حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا اهو ٻڌي خوش ٿيا. بعد ۾ پاڻ ان رڍار کي ان جي مالڪ کان خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو.([2])