Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

    سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ان نيڪ سيرت ڌنار جي سوچ تي قربان وڃو! ان جو ڪيترو پيارو ذهن هو...!! دنيا جا هي ڏينهن جيتوڻيڪ گرمي جا آهن، انهن ڏينهن ۾ روزو رکڻ جيتوڻيڪ تمام ڏکيو آهي پر قيامت جي گرمي جي مقابلي ۾ هي گرمي ڪجهه به ناهي، تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته قيامت جي گرمي کان بچڻ لاءِ هن دنيا جي گرمي کي برداشت ڪريون ۽ ڪجهه نه ڪجهه نفل روزا رکڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃون. ڪهڙي خبر! اسان جا اهي ئي نفل روزا الله پاڪ جي بارگاهه ۾ قبول ٿي وڃن ۽ اهو ئي عمل اسان جي بخشش جو سبب بڻجي وڃي.

بلال جو رزق جنت ۾ وڌي رهيو آهي

   حضرت بريده رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: (هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ناشتو فرمائي رهيا هئا، ايتري ۾ مؤذنِ رسول حضرت بلال رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ حاضر ٿي ويا). پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بلال...!! اچو! ناشتو ڪيو. حضرت بلال رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ ادب سان عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان روزي سان آهيان. ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (پنهنجي صحابي جي عمل کان خوش ٿي) فرمايو: اسان پنهنجو رزق کائي رهيا آهيون ۽ بلال جو رزق جنت ۾ وڌي رهيو آهي. پوءِ فرمايائون: اي بلال! ڇا توکي معلوم آهي ته جيترو وقت روزيدار جي سامهون کاڌو کاڌو ويندو آهي، اوترو وقت روزيدار جون هڏيون تسبيح ڪنديون رهنديون آهن ۽ فرشتا ان لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن.([1])

 سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اها ڪهڙي زبردست ڳالهه آهي، الله پاڪ هن دنيا ۾ اسان کي رزق عطا فرمايو آهي، اسان هن دنيا ۾ حلال رزق بنا روڪ ٽوڪ کائي سگهون ٿا پر اها آزمائش آهي ته هن دنيا جي حرام تي


 

 



[1]... ابن ماجہ، کتاب الصیام، باب فی الصائم اذا اکل عندہ، صفحہ:279، حدیث:1749۔