Nafil Rozon Ke Fazail

Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail

محفوظ ٿي ويندا آهن ۽ ان کي وڌ کان وڌ نيڪ عملن جي توفيق عطا ڪئي ويندي آهي.([1])

   سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! نفل عبادت جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن، الله پاڪ وٽ سڀني کان پسنديده عبادتون فرائض ۽ واجبات آهن. جڏهن ٻانهو فرائض ۽ واجبات پورا ڪري، ان سان گڏ نفل عبادتن جي به عادت بڻائيندو آهي ته ان کي الله پاڪ جو خصوصي قرب عطا ڪيو ويندو آهي ۽ ٻانهو الله پاڪ جو پيارو بڻجي ويندو آهي. ان ڪري اسان کي نفل عبادتن جو ذهن بڻائڻ گهرجي. پنج ئي فرض نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪيون، ان سان گڏ ڪجهه نه ڪجهه نوافل جي به عادت بڻايون  ۞ الله پاڪ توفيق عطا فرمائي ته تهجد پڙهون ۞ اشراق ۽ چاشت جا نفل پڙهون ۞ مغرب کان پوءِ اوَّابين جا نوافل ادا ڪيون ۞ رات جي نماز پڙهون، اهڙي طرح رمضان ڪريم جا فرض روزا ته رکڻا ئي رکڻا آهن، ان سان گڏوگڏ ڪجهه نه ڪجهه نفل روزا رکڻ جي به ڪوشش فرمايو، اهڙي طرح ٻيون عبادتون آهن، انهن ۾ به فرائض به پورا ڪريون ۽ گڏوگڏ نفل عبادت جي به ڪوشش ضرور ڪيون.

فرائض جي ڪمي پوري ڪئي ويندي

   ترمذي شريف جي حديثِ پاڪ آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن ٻانهي جي اعمالن مان سڀ کان پهرين جنهن جو حساب ورتو ويندو، اها ان جي نماز آهي. جيڪڏهن نماز درست ٿي ته ٻانهو نجات ماڻي ويندو ۽ جيڪڏهن نماز ۾ ئي ڪمي ٿي ته ٻانهو خائب و خاسر (يعني نقصان کڻڻ وارو ٿي ويندو). پوءِ جيڪڏهن ان جي فرائض ۾ ڪجهه ڪمي ٿي ته الله پاڪ فرمائيندو: ڏسو! منهنجي ٻانهي نفل عبادت ڪئي آهي؟ جيڪڏهن ان وٽ نفل عبادت هوندي ته ان جي ذريعي فرائض جي


 

 



[1]... فتح الباری، کتاب الرقاق، باب التواضع، جلد:11، صفحہ:418، تحت الحدیث:6502 خلاصۃً۔