Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail
بَراءَت دے عذابِ قبر سے نارِ جہنَّم سے
مہِ شعبان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولیٰ
میں رحمت، مغفِرت، دوزخ سے آزادی کا سائل ہوں
مہِ رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولیٰ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان شروع ۾ سيپارو:29، سورتُ الحاقه جي آيت: 24 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. هن آيتِ ڪريمه ۽ ان کان پوءِ ڪجهه آيتن ۾ هڪ نيڪ شخص ۽ قيامت جي ڏينهن ان جي حساب جو منظر بيان ڪيو ويو آهي. مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا ته: هي آيتِ ڪريمه حضرت ابو سلمه عبد الله بن عبد الاسد مَخۡزومي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي حق ۾ نازل ٿي آهي.
ڪجهه علماءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ فرمايو آهي ته: انهن آيتن مان اهو هر شخص مراد آهي جيڪو نيڪي ۽ ڀلائي جو اڳواڻ هجي، ماڻهو نيڪ ڪمن ۾ ان جي پيروي ڪندا هجن. مڪمل منظر هيئن آهي ته اهو شخص جيڪو دنيا ۾ نيڪين جو اڳواڻ آهي، ماڻهو نيڪ ڪمن ۾ ان جي پيروي ڪندا آهن، قيامت جي ڏينهن اهڙي شخص کي ان جي پنهنجي ۽ ان جي والد جي نالي سان سڏيو ويندو. اهو شخص اڳيان وڌندو، سڀ ماڻهو جيڪي دنيا ۾ ان جي پيروي ڪندا هئا، اهي ان جي حساب جو هي منظر ڏسي رهيا هوندا. هاڻي ان شخص کي سفيد چمڪدار اعمال نامو ڏنو ويندو، اعمال نامي جي پوئين پاسي ان شخص جون خطائون لکيل هونديون ۽ مٿئين پاسي ان جا نيڪ اعمال لکيل هوندا. اهو شخص پنهنجون خطائون پڙهڻ شروع ڪندو، الله پاڪ جي بارگاهه ۾، ميدان محشر ۾ اهڙي طرح پنهنجون خطائون پڙهڻ ان تي ڳرو پئجي رهيو هوندو، شرم جي سبب ان جي چهري جو