Book Name:Nafil Rozon Ke Fazail
عذاب ۽ حلال تي حساب آهي. ڪيترو سٺو ٿئي جو، اسان صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا خاطر حلال رزق کان به هٿ روڪي وٺون ۽ ٿوري وقت لاءِ (يعني سحري کان افطاري تائين) بک اُڃ برداشت ڪندي نفل روزا رکي وٺون، ان جي برڪت سان هڪ ته ان کاڌي جي حساب کان بچي وينداسين، پوءِ ان جي عيوض جنت ۾ رزق وڌندو (يعني جنت جي وڌ کان وڌ نعمتن جا حقدار بڻجي وينداسين)، پوءِ نفل روزن جا جيڪي بيشمار فضائل آهن، انهن جا به حقدار ٿي وينداسين. تنهنڪري اسان کي نفل روزن جو ذهن ٺاهڻ گهرجي.
بدقسمتي سان اسان وٽ هي ماحول ٿيندو پيو وڃي: پهرين ته عبادتن جو ذوق ئي تمام گهٽ رهجي ويو آهي، تمام گهٽ ماڻهو آهن جيڪي فرائض ۽ واجبات پورا ڪن ٿا، پوءِ جن جو مذهبي ذهن هوندو آهي، جيڪي فرائض ۽ واجبات پورا ڪندا آهن، انهن ۾ به هڪ تعداد اهڙن جي آهي، جن جي نفل عبادتن ڏانهن توجهه ئي ناهي هوندي، رمضان ڪريم جا روزا ته پورا رکي وٺندا آهن پر نفل روزن جو انهن وٽ ڪو تصور ئي ناهي هوندو. ائين نه ٿيڻ گهرجي، اسان کي نفل عبادتن جو به ذهن بڻائڻ گهرجي.
اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سوچ مبارڪ ڪيتري بي مثال ۽ باڪمال هئي، روايتن ۾ آهي: پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رات جو دير تائين قيام فرمائيندا هئا، نفل نمازون پڙهندا هئا، جنهن سبب پير مبارڪ سُڄي ويندا هئا، مسلمانن جي پياري امي جان حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان ته اهي آهيو جو الله پاڪ اوهان جي صدقي ۾ اوهان جي اڳين پوئين جا گناهه بخشي ڇڏيا آهن، پوءِ اوهان ايتري مشقت ڇو ڪندا آهيو؟ فرمايائون: اَفَلَا اَکُوْنُ عَبْدًا شَکُوْرًا ڇا مان